قومن جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا اھڙا لمحا بھ ايندا آھن، جو صدين جو روڳ ڏئي ويندا آھن، 27 ڊسمبر 2007 جو ڏينھن اسان جي قومي تاريخ جو المناڪ ڏينھن ھُيو، جڏھن محترمھ بينظير ڀٽو کي دھشتگردي جي ھڪ واقعي ۾ شھيد ڪيو ويو، 27 دسمبر جو ڏينھن ڌرتي ۽ عوام لاءِ قرباني جو استعارو آھي.
اٺن ورھين جي جلاوطني کانپوءِ جڏھن شھيد محترمھ بينظير ڀٽو وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو تھ سمورن دوستن ۽ عزيزن کيس منع ڪئي تھ ھـُوءَ واپس پاڪستان نھ وڃي ڇاڪاڻ تھ حالتون خطرناڪ آھن ۽ کيس جان جو خطرو آھي. ڪيترن ئي ٻاھرين ملڪن جي حڪومتن بھ پنھنجي انٽيليجنس رپورٽن بابت شھيد بي بي کي آگاھھ ڪيو ۽ پاڪستان جي مختلف ڳجھن ادارن جي رپورٽن جي باري ۾ کيس ٻڌايو تھ سندس وطن واپسي خطري کان خالي ناھي.پارٽي اڳواڻن ۽ شھيد بي بي جي ويجھي حلقي ۾ شامل ماڻھو بھ آخري وقت تائين کيس اھو مشورو ڏيندا رھيا تھ ھـُوءَ پاڪستان نھ وڃي.
پاڻ شھيد بي بي کي سڄي صورتحال جو نھ رڳو علم پر يقين ھو تھ ڪيتريون ئي قوتون کيس رستي تان ھٽائڻ جو فيصلو ڪري چُڪيو آھن. اُن باوجود ھُن پنھنجو فيصلو تبديل نھ ڪيو، وطن واپسي کان اڳ ھُن پنھنجي آخري وصيت بھ تحرير ڪري ڇڏي ۽ اھو بھ ٻڌائي ڇڏيو تھ کيس شھيد ڀٽو جي مزار جي احاطي ۾ ڪھڙي جاءِ تي دفن ڪرڻو آھي. جيڪي ماڻھو بھ کيس وطن واپس وڃڻ کان روڪيندا ھُئا، ھُوءَ اُنھن کي اھوئي جواب ڏيندي ھُئي تھ ”پاڪستان جي سلامتي خطري ۾ آھي،
جيڪڏھن آئون ھن مرحلي ۾ واپس واپس نھ ويس تھ تاريخ ۾ اسان جو ڳاڻيٽو بزدل ماڻھن ۾ ٿيندو. آئون پنھنجي ملڪ ۽ پنھنجي عوام کي ھن خطرناڪ صورتحال ۾ اڪيلو نھ ٿي ڇڏي سگھان.“ ھـُوءَ بار بار پنھنجو قول ورجائيندي ھُئي تھ ”اسان دليلن تي ٻڌل ڳالھھ ڪرڻ وارا ماڻھو آھيون، اسان جا بھ نظريا ۽ جذبات آھن، اسان کي معلوم آھي تھ ڪيئن جيئڻو آھي ۽ ڪيئن مرڻو آھي.“ تاريخ ۾ اھڙا ماڻھو گھٽ ئي پيدا ٿيندا آھن جن ايڏي بھادري سان موت کي قبول ڪيو ھُجي.
18 آڪٽوبر 2007 تي جڏھن ھـُوءَ وطن واپس پھتي تھ ڪراچي ھوائي اڏي تي پورو پاڪستان سندس آجيان لاءِ موجود ھو. پرامن جمھوري انقلاب جي لاءِ عوام جو سمنڊ اُٿلي پيو ھو، جيڪو شھيد بي بي جي نعري جي حمايت ڪري رھو تھ پاڪستان جي بقا جمھوريت ۾ آھي. پاڪستان ۽ عوام دشمن قوتن تي سڪتو طاري ٿي ويو ھو، اُن لاءِ اُنھن قوتن شھيد بي بي تي پھريون حملو 18 آڪٽوبر تي ئي ڪراچي جي شاھراھھ فيصل تي ڪارساز واري ھنڌ ڪيو. بم ڌماڪن ذريعي دھشتگردي جي سفاڪاڻي ڪارروائي ۾ شھيد بي بي محفوظ رھي،
پر 200 کان وڌيڪ جيالن پاڪستان جي بقا ۽ جمھوريت جي بحالي جي لاءِ پنھنجي جانين جو نذرانوپيش ڪيو. ڪارساز سانحي کانپو3 اھو بلڪل واضح ٿي ويو ھو تھ پاڪستان ۽ عوام دسمن قوتون شھيد بي بي جي جان جي پويان پيل آھن. 19 آڪٽوبر تي بلاول ھائوس ڪراچي ۾ جڏھن پريس ڪانفرنس دوران شھيد بي بي کان اھو سوال ڪيو ويو تھ ڇا ھـُوءَ ھاڻي بھ پاڪستان ۾ رھندي يا چونڊ مھم ھلائيندي تھ سندس جواب ھو تھ ” ھـُو بھ چاھين ٿا تھ آئون چونڊ مھم نھ ھلايان ۽ واپس ھلي وڃان، ھـُو چاھين ٿا تھ ملڪ ۾ حقيقي جمھوريت بحال نھ ٿئي پر ھاڻي جيڪڏھن جمھوريت بحال نھ ٿي تھ پاڪستان جي لاءِ خطرا وڌي ويندي، آئون پنھنجن ماڻھن سان گڏ رھنديس.“
وطن واپسي تي شھيدبي بي پنھنجي ھٿن سان لکيل ڪتاب جو ھڪ مسودو بھ پاڻ سان گڏ کڻي آئي، جيڪو بعد ۾ ”مفاھمت“ جي نالي سان شايع ٿيو. اُن ڪتاب ۾ ھڪ جاءِ تي لکيل آھي تھ ”مون پنھنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب ڀوڳيو آھي ۽ مون کي خبر ھُئي تھ روح جا اھڙا زخم ناھن ڀربا. پنھنجي والد جي موت تي جيڪا تڪليف مون سَٺِي آھي، اُن کان پنھنجن ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ آئون ڪجھھ بھ ڪرڻ لاءِ تيار ھُئس، پر ھي واحد ڪم ھو جيڪو آئون نھ پئي ڪري سگھيس.“
پنھنجي موت جي يقين باوجود شھيد بي بي وطن واپس ڇو آئي؟ اُن جو ڪارڻ بھ اُن ڪتاب ۾ تحرير ڪندي شھيد بي بي لکي ٿي تھ ”پاڪستان کي طالنائزيشن سان گڏوگڏ بالڪنائزيشن جو بھ خطرو آھي.“
بالڪنائزيشن جو مطلب تقسيم در تقسيم آھي، ملڪ کي انتھا پسند ۽ عليحدگي پسند گروھن جي وڌندڙ طاقت مان شديد خطرو ھو ۽ اُن وقت جي حالتن کي شھيد بي بي پنھنجي ڪتاب ۾ ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو آھي تھ ”پاڪستان خشڪ ٻارڻ جي ڳنڍ آھي، جيڪا وڏي تيزي سان باھھ جھٽي سگھي ٿي.“
اھڙن خطرناڪ ھالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو پنھنجي جان جي قرباني ڏني ۽ پاڪستان کي بچائي ورتو. شھيد بي بي سدائين پاڪستان جي بحراني ۽ خطرناڪ حالتن ۾ سياست ڪئي ۽ ڌرتي ۽ عوام لاءِ ڪيترائي اھنج سَٺا. ھـُوءَ دُنيا جي واحد ليڊر آھي، جنھن ٻن فوجي آمرن جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جي غاصباڻي ۽ غير جمھوري حڪومتن خلاف جدوجھد ڪئي ۽ جمھوريت بحال ڪري انتھاپسندي ۽ عليحدگي پسند قوتن جا اُنھن خطرن کي ختم ڪيو جيڪي ملڪي سلامتي کي درپيش ھئا. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جي آمراڻن حڪومتن ۾ ملڪ ٻھ ٽڪرا ٿيو تھ ضياءَ ۽ پرويز مشرف جي آمراڻن حڪومتن جي نتيجي ۾ ملڪي سلامتي سنگين خطرن جي ور چڙھي وئي. جنرل ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف پاڪستان کي علامي طاقتن جي جنگين ۾ ڌڪي ڇڏيو ھو ۽ اُن جي نتيجي ۾ نھ رڳو وفاق پرست ۽ روشن خيال جمھوري قوتن کي ڪُچليو ويو پر انتھا پسند ۽ عليحدگي پسند قوتن کي مضبوط ڪيو ويو. 10 اپريل 1988 تي بھ جڏھن شھيد بي بي وطن واپس آئي ھُئي تھ پاڪستان جي سلامتي کي انتھاپسندن ۽ عليحدگي پسندن مان خطرا ھُئا. جمھوريت جي بحالي سان ھي خطرا گھٽ ٿا. 18 آڪٽوبر 2007 تي جڏھن شھيد بي بي وطن واپس آئي تھ مذھبي ۽ فرقيواراڻيون انتھا پسند قوتون دھشتگردي ذريعي ملڪ تي حاوي ٿي ويون ھـُيون،
سوات ۽ قبائلي علائقن ۾ حڪومت جي عملداري ختم ٿي چُڪي ھُئي ۽ اُتي پاڪستاني جھنڊو ڦڙڪائي نھ سگھبو ھو. جيڪڏھن شھيد بي بي اُنھن حالتن ۾ پنھنجي حياتي داءُ تي لڳائي وطن واپس نھ اچي ھا تھ اسان تصور بھ نھ ٿا ڪري سگھون تھ اڄ پاڪستان جون حالتون ڪھڙيون ھُجن ھا. اڄ جيڪڏھن پاڪستان ۾ جمھوريت آھي، انتھاپسند ۽ فاشسٽ قوتون ڪمزور ٿيون آھن ۽ وفاق پريس جمھوريت قوتن 18ھين ۽ 26ھين آئيني ترميم ۾ اڳڀرائي ڪري پاڪستان جي وفاق ۽ جمھوريت کي مضبوط ڪيو آھي تھ ھي سڀڪجھھ شھيد بي بي جي قرباني جو نتيجو آھي.
0 تبصرے