سجاول ۾ ملهه پھلوان سيد اياز شاھ جي گرفتاري ۽ مٿس ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

سجاول ۾ ملهه پھلوان سيد اياز شاھ جي گرفتاري ۽ مٿس ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

سجاول (رپورٽر) پھلوان سيد اياز شاھ تي مبينا ڪوڙا ڪيس ڪري کيس گرفتار ڪرائيندڙن سياسي اڳواڻن خلاف سجاول ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سورج سجاولي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي سنڌ ملھ ايسوسيئيشن اسپورٽ بورڊ جي صوبائي اڳواڻ پھلوان غلام نبي شيدي. پهلوان رزاق ملاح.نظر ملاح.سوشل ورڪر سليم ملاح.حبيب الله ۽ ٻين چيو ته سينئر پهلوان اياز شاھ جو ڏوھ فقط اھيو ھو ته ھن گذريل اليڪشن ۾ ھاڻوڪي صوبائي وزير علي حسن زرداري سامھون پي ايس 76 تي اليڪشن ۾ حصو وٺي ھزارين ووٽ کنيا ھئا ان جي رد عمل طور پھلوان اياز شاھ خلاف انتقامي ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آخر ڪار اياز شاھ کي بي گناھ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي اياز شاھ بھادر توڙي لاڙ سنڌ جو نالي وارو ملھ پھلوان آهي هن ملاکڙن ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي اسين سندس گرفتاري تي خاموش نه ويهنداسين ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ھر نندي وڏي شھر ۾ احتجاج جاري رکيا ويندا اسان چيف جسٽس .سي ايم سنڌ اعليَ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽس وٺي ملھ پهلوان اياز شاھ کي آزاد ڪري مٿس داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن