عمرڪوٽ ۾ جهوني سماجي اڳواڻ انجنيئر ڪانجي مل جي پهرين ورسي

سماجي اڳواڻ انجنيئر ڪانجي مل جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو

عمرڪوٽ ۾ جهوني سماجي اڳواڻ انجنيئر ڪانجي مل جي پهرين ورسي

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جهوني سماج سڌارڪ انجنيئر ڪانجي مل جي وڇوڙي کي هڪ سال ٿي ويو، پهرين ورسي ملهائي وئي، سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، انجنيئر ڪانجي ميگهواڙ پسماندہ طبقن جو ڀرجهلو هو : ڊاڪٽر اڀيمن پرمارتفصيل موجب ٿر جي کاهوڙي ڪردار، مسڪين مظلوم ۽ پورهيت ماڻهن جي ساهتا لاءِ پنهنجي وس آهر جاکوڙ ڪندڙ جهوني سياسي ۽ سماجي اڳواڻ مرحوم انجنيئر ڪانجي ميگهواڙ جي پهرين ورسي سندس آشياني تي ملهائي وئي، جنهن ۾ جهوني قانوندان واشديو ميگهواڙ، جيوڻ پرمار، بابو لال ايم اجيماڻي انجنيئر رميش توڳاڻي، انجنيئر نريندر ڪمار، ڦوٽو مل، ڪيسو مل سميت وڏي انگ ۾ سندس ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي، ٻي طرف انجنيئر ڪانجي جي فرزندن انيل ڪمار چوهاڻ، انجنيئر سنيل ڪمار چوهاڻ، ڊاڪٽر اڀيمن پرمار، اشون پرمار پاران آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ پڻ ورسي جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر اڀيمن پرمار ڳالهائيندي چيو ته انجنيئر ڪانجي مل پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو هو، پر هن شخص سخت محنت سان لاتعداد ڪاميابيون حاصل ڪندي وڃي ڊائريڪٽر پي ٽي سي ايل پاڪستان جي عهدي تي فائز ٿيو، هن پنهنجي دور ۾ غريب ۽ مستحق ماڻهن کي لاتعداد نوڪريون ڏنيون، رٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي پيڙهيل، پسمانده ۽ پورهيت طبقي سان روح جو رشتو برقرار رکيو، انهن جي تعليم، تربيت ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي.