English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 لاھور ۽ بين الصوبائي گيمز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي
270 views
|
05th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ويٽ لفٽنگ ٽيم صوبائي ڪوچ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ مقابلي ۾ شرڪت لاءِ تيار
شڪارپور (احسان ابڙو) قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 لاھور ۽ بين الصوبائي گيمز اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رھيا آھن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 جا مقابلا 6 ڊسمبر 2024 کان 9 ڊسمبر 2024 تائين لاهور ۾ منعقد ٿي رهيا آهن. ان کان پوءِ، بين الصوبائي گيمز 11 ڊسمبر 2024 کان 16 ڊسمبر 2024 تائين اسلام آباد ۾ منعقد ڪيا ويندا. ھن موقعي تي سنڌ جي ويٽ لفٽنگ ٽيم صوبائي ڪوچ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ مقابلي ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي. ٽيم ۾ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا نوجوان ويٽ لفٽر رانديگر شامل آهن، جن ۾ شڪارپور مان فيصل علي ڀٽو ،اسرار علي سومرو ، شير علي هڪڙو ، زين علي مبين هڪڙو، شاھجھان ڀٽو ، سائل حسنين ڀٽو ، لاڙڪاڻي مان. سهيل احمد بروهي جي ٽيم لاهور ڏانهن رواني ٿي چڪي آهي، جتي اهي سنڌ ۽ خاص طور شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي نمائندگي ڪندا. ٽيم جي لاءِ شڪارپور جي عوام، دوستن، ۽ شهر واسين کان دعا جي درخواست آهي ته اهي پنهنجن صلاحيتن ۽ محنت سان ڪاميابي ماڻين ۽ سنڌ صوبي، لاڙڪاڻي ڊويزن، ۽ شڪارپور ضلعي جو نالو روشن ڪن. اسان کي يقين آهي ته اهي نوجوان رانديگر پنهنجي عزم، محنت، ۽ ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان ڪامياب ٿيندا ۽ ملڪ جي سطح تي پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ
0 تبصرے