ملير ۾ سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي رهواسين جو گيس جي بندش خلاف احتجاج

گذريل 3 مھينن کان گيس ڪٽيل آهي، گيس بند ھجڻ سبب سخت ڏکيائين جو شڪار آهيون: مظاهرين

ملير ۾ سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي رهواسين جو گيس جي بندش خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي رهواسين گيس جي بندش خلاف علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ ھڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي اسٽاف ڪالوني جي رهواسين مرد ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي مظاھرو ڪنڌڙ سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي اسٽاف ڪالوني جي رهواسين سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، احتجاج ڪنڌڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي نا انتظاميه جي لاپرواهي سبب گذريل 3 مھينن کان اسانجو گيس ڪٽيو ويو آھي گيس بند ھجڻ سبب سخت مشڪلن جو شڪار بڻيل آھيون، مظاھرو ڪنڌڙن وزير اعليَ سنڌ سيد مراد علي ، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کان سنڌ سوشل سيڪيورٽي اسپتال لانڍي سرڪل جي اسٽاف ڪالوني جي گيس فوري بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ٻئي صورت ۾ احتجاجي مظاهري جو دائرو وسيع ڪرڻ جو ڇتاو پڻ ڏنو آھي