ملير: النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي گڏاپ پاران سنڌي ڪلچر ڊي ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب منعقد

تقريب ۾ ٻارن طرفان مختلف ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون ويون

ملير: النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي گڏاپ پاران سنڌي ڪلچر ڊي ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي گڏاپ پاران سنڌي ڪلچر ڊي ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ٻارن طرفان مختلف ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪيون ويون، جن کي شرڪت ڪندڙن وڏي داد ڏني تقريب ۾ قادر بخش ڪلمتي، محبوب علي جوکيو، پبلڪ اسڪول گڏاپ جي وائس پرنسپل گل حسن سومرو، ڪوآرڊينيٽر افتخار احمد سومرو ۽ چيتن ميگهوار شرڪت ڪئي ٻارن پنهنجي تقريرن ۽ ٽيبلوز ذريعي تقريب کي وڌيڪ رنگين بڻايو خاص مهمان قادر بخش ڪلمتي ٻارن جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي ورلڊ وائيڊ وينچر واٽر پارڪ جا مفت ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته گڏاپ جي پوئتي پيل علائقي ۾ النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر منور نور جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي اهو ڪنهن عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي. هنن چيو ته النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جو اسٽاف ۽ انتظاميا نه صرف ٻارن کي جديد ٽيڪنالاجي جي سکيا ڏئي رهيا آهن پر انهن جي صلاحيتن کي پڻ اجاگر ڪري رهيا آهن ان علائقي ۾ اهڙا تعليمي ادارا سماجي ترقي لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو آهن هنن وڌيڪ چيو ته النور ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ جهڙا ادارا سماج جي بهتري لاءِ مشعل راه آهن ۽ اهڙن منصوبن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ مقامي ماڻهن ۽ سرڪار کي پڻ مدد ڪرڻ گهرجي.