گڏجاڻي چيف آرگنائيزر محمد ابراهيم هيجب جي صدارت ۾ ٿي
ٺٽو (ڊ ر) هيجب برادريءَ طرفان هڪ اهم گڏجاڻي ڇتوچنڊ ضلع ٺٽو ۾ چيف آرگنائيزر محمد ابراهيم هيجب جي صدارت ۾ ٿي گذري مهمان خاص برادريءَ جا معزز غلام قادر هيجب ۽ حاجي علي نواز هيجب هئا. گڏجاڻيءَ ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون جن ڪميٽين جا ميمبر تعليم جي ترقي، سماجي شعور ۽ برادريءَ جي ٻين اهم مسئلن جي سروي ڪندا جنهن بعد انهن تي عملدارآمد لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. سائين غلام قادر هيجب شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته معياري تعليم ۽ بهتر تربيت تي سڀ کان اول ڪم ڪيو ويندو ڇوته معياري تعليم قوم جي ترقيءَ لاءِ اهم هوندي آهي. چيف آرگنائيزر ابراهيم هيجب چيو ته اسان جي برادريءَ جو اتحاد ٺاهڻ جو اهم مقصد برادريءَ جي بهتر تعليم ۽ تربيت تي ڪم ڪرڻ آهي ان لاءِ اسان پنهنجي برادريءَ جي سڄاڻ دوستن کي اپيل ڪنداسين ته اهي اسان جي جدوجهد کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هر قسم جي مدد ڪن.
0 تبصرے