مختلف اڳواڻن ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ سان ملاقات ڪري کيس مبارڪون ڏنيون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ناري پٽ جي نرالي ۽ سينيئر سياستدان اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم سيد علي مردان شاھ جي ڀاءُ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاھ کي پاڪستان پيپلزپارٽي عمرڪوٽ جو صدر مقرر ٿيڻ ۽ پ پ اڳواڻ صوفي نواز سومرو کي پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي جتي عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف سياسي سماجي حلقن ۽ شھر جي معززين ضلعي ڪائونسل چيئرمين حاجي بقا پلي، آبادگار اڳواڻ غلام اڪبر درس، پ پ اڳواڻ سيٺ مدن لال سوماڻي، پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر، واحد بخش سمون، ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ، سيد قمر الحسن شاھ، رئيس چاڪر خان مري، ڊاڪٽر لالچند کتري، شوڏان ڪولھي، چيتن گوئل، عبدالله کوسو، پ پ ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجھان ڳيلھڙو، آنٻي ڀيل، قاضي سميجو، ديوان مالھي، فيصل ناگوري، ايم سي وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي، راجا رامچند مالھي، محمد شريف ھاليپوٽو سميت ٻين پُھچي اجرڪن جا تعفا پيش ڪندي مبارڪون ڏنيون ۽ آيل معززين پ پ قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان پ پ قيادت جا شڪر گذار آھيون جن عمرڪوٽ جي عوام جي ھڏڏوکي اڳواڻن کي پ پ ضلعي صدارت ۽ جنرل سيڪريٽري جي عھدن لاء چونڊيو آھي
0 تبصرے