English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز ۾ ادب سائنس ۽ آرٽ فيسٽيول جي پڄاڻي
53 views
|
24th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
آخري ڏينھن تي انٽر يونيورسٽي ڪمپيوٽر سائنس, آئي ٽي ۽ بزنس پروجيڪٽس جي نمائش منعقد
نوشهروفيروز (ڊ ر)سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز طرفان ادب سائنس ۽ آرٽ فيسٽيول جي آخري ڏينھن تي انٽر يونيورسٽي ڪمپيوٽر سائنس, آئي ٽي ۽ بزنس پروجيڪٽس جي نمائش منعقد ڪئي وئي. ڪيمپس جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاھ جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ, ايس ايس پي نوشھرو فيروز انجنئر سنگھار ملڪ, انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاريڪٽر حاڪم علي مھيسر, ڊاڪٽر ممتاز ڏنگراج, پروفيسر بچل ڪاڪيپوٽو, محمد خالد شيخ, سنمبل ميمڻ ۽ ٻين نمائش جو افتتاح ڪندي سمورن پروجيڪٽس جو معائنو ڪيو ۽ شاگردن کان پروجيڪٽس جي ڊزائين, ڊولپمينٽ, امپليمينٽيشن ۽ ايگزيڪيوشن سميت اھم خاصيتن ۽ معاشري لاء فائدن متعلق ڳالھ ٻولھ ڪئي. ھنن پروجيڪٽس ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز کان علاوھ, شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشھرو فيروز ڪيمپس ۽ اروڙ يونيورسٽي سکر جي شاگردن نيچرل لئنگويج پروسيسنگ, مشين لرننگ, روبوٽڪس, ڪمپيوٽر وزين, ايڪسپرٽ سسٽمس, نيورال نيٽورڪس ء بزنس جي حڪمت عملين تحت تمام ڪارائتا پروجيڪٽس پيش ڪيا جن تي مھمانن طرفان کين داد ڏنو ويو.
نوشهروفيروز ۾ بزنس پروجيڪٽس ۾ پھرين پوزيشن "يونيورسٽي آف نوشھرو فيروز جو ماڊل" لائبـ آصف جي نگرانيء ۾ عاصم, ثمر, صلا, شھباز ۽ عمير ماڻي. ٻين پوزيشن "اسڪريپ ڪريزيلا آٽوز لاء ڪيش" ذڪر اللہ, عثامـ, رابعه مشعل, فريال, اليزا, مقدس ۽ ٻين ماڻي. ٽين پوزيشن "مٺاين ۾ نواڻ" پيش ڪندڙ شان, ياسين, حجاب, ڪنيز, عائشـ ۽ ٻين ماڻي. آخر ۾ انعامي شيلڊس ۽ سرٽيفڪيٽس ورھائڻ سان گڏ نوشھرو فيروز جي عوام کي گھر ويٺي معياري اعلي تعليم جي وڌيڪ سھولت مھيا ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت کان يونيورسٽي آف نوشھرو فيروز جي قيام واري عمل کي تيز ڪرڻ لاء گھر ڪئي وئي.
نوشهروفيروز: پروجيڪٽس جو معائنو ڪندڙ ماھرن جي راء مطابق سموري نمائش ۾ بھترين پروجيڪٽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشھرو فيروز جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان "ڊيپ لرننگ ذريعي ھٿ سان لکيل سنڌي ۾ پارٽس آف اسپيچ ٽيگنگ" پروجيڪٽ ماڻي جيڪو خالد شيخ ۽ ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي نگرانيء ۾ ماريـ, احسن ۽ شھباز پيش ڪيو. ڪمپيوٽر سائنس ۽ آئي ٽي ڪيٽگري ۾ پھرين پوزيشن "ڊرائيور کي ننڊ اچڻ دوران الارم ۽ بريڪ سسٽم" راحيل ارشد ۽ عابد ابوپوٽو جي نگراني ۾ باسط, مبين, باقر, طاحا ۽ سوئم ماڻي. ٻين پوزيشن "يولو سافٽوئر ذريعي ماڻھن جي ھجوم ۾ نقصان ڏيندڙ ھٿيارن جي شناخت" صبا نظام جي نگرانيء ۾ سمرين, امبرين, عادل ۽ اختيار ماڻي. ٽين پوزيشن شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشھرو فيروز ڪيمپس طرفان پيش ڪيل "آگمينٽيڊ ريئلٽي" مدثر احمد جي نگراني ۾ نورالعين ۽ قرت العين ماڻي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس
0 تبصرے