English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ پاران تحفظ لاءِ نوابشاهه جي عدالت ۾ درخواست داخل
72 views
|
20th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
بااثر ماڻهو پوليس سان گڏجي زمينن، گهرن، بنگلن، اوطاقن، گاڏين ۽ ڪاروبار تي قبضا ڪري رهيا آهن: حميدا ڏاهري
نوابشاهه (ڊ ر) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميدا ڏاهري نواب شاھ جي عدالت ۾ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن تي احتجاج ڪرڻ بعد اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ عدالت سان رجوع ڪندي وڪيل سچل مجيب ماڇي معرفت قانوني تحفظ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. نوابشاھ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پاران ڊي آئي جي، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 21 نومبر تي مقرر ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار حميدا ڏاهري موقف اختيار ڪيو آهي ته اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي خاندان کي مختلف طريقن سان هيسائي ضمانتن وارين درخواستن تان هٿ کڻڻ جي لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. درخواستگذار حميدا ڏاهري وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي بااثر ماڻهو پوليس سان گڏجي پرائيوٽ ماڻھن اسان جي زمينن، گهرن، بنگلن,اوطاقن , گاڏين ۽ ڪاروبار تي حملا ڪري قبضا ڪري قيمتي سامان کڻي رهيا آهن. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا ڏاهري جي زندگيءَ کي پڻ خطرو آهي. ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت سمورا شهري برابر آهن، ۽ اسان سان پڻ برابري وارو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي. اسان کي عدالت مان اميد آهي ته اسان کي قانوني تحفظ ڏياري اسان جي پراپرٽين کي به محفوظ بڻايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوابشاهه
اسماعيل ڏاهري
اڳوڻي صوبائي صلاحڪار
حميدا ڏاهري
0 تبصرے