پ پ جي يوسي چيئرمين صابر مگسي جي قتل سبب سيٽ خالي ٿي هئي
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يوسي بختاور ۾ پيپلزپارٽي جي قتل ٿي ويل يوسي چيئرمين صابر مگسي جي خالي ٿيل سيٽ تي 14 نومبر تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن لاءِ 6 اميدوار ميدان تي لٿل آهن جڏهن ته چونڊن جون تياريون مڪمل ڪيون آهن ڄاڻايل سيٽ تي پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي اميدوارن ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن ان سلسلي م چونڊ مهم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويئي آهي اميدوارن ۾ پيپلزپارٽي جو بابر مگسي، پي ٽي آئي عزير علي عباسي ، ٽي ايل پي محمد صادق پاشا، جماعت اسلامي جو نعمان احمد آزاد اميدوار خادم حسين ميدان تي لٿل آهن معلوم مطابق يونين ڪميٽي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 15 ہزار 729 مرد ووٽرن جو تعداد 8 هزار 853 عورت ووٽرن جو تعداد 6 هزار 876 ووٽ جو حق استعمال ڪندا ان موقعي تي يوسي م 11 پولنگ اشتيشنز قائم ڪيون ويون آهن
0 تبصرے