سزا ٻڌايل جوابدارن ۾ عمران ٺاراڻي، امداد علي ميمڻ ۽ غلام حسين ميمڻ شامل
سجاول(رپورٽر)سجاول جي عدالت گھٽڪا وڪڻڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي هڪ ئي ڪيس ۾ ٽن ڏوهارين کي قيد بامشقت ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. تفصيل موجب. سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشنل مجسٽريٽ سجاول محمد بچل پهوڙ جي عدالت بٺوري ٿاڻي جي ڪيس نمبر 28/2024 ڏوھ گھٽڪو ايڪٽ تحت ٽن ڏوهارين عمران ٺاراڻي. امداد علي ميمڻ. ۽ غلام حسين ميمڻ کي گھٽڪا وڪڻڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هر هڪ ڏوهاري کي 2/2 سال قيد بامشقت ۽ 2/2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي
0 تبصرے