سيلفي ڪلچر

ڊاڪٽر غزالا پنهور

سيلفي ڪلچر

اسين هڪ اهڙي دور ۾ رهون پيا، جتي سمارٽ فون اسان جي هٿن جي ايڪٽينشن بڻجي ويو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم هڪ اهڙي دنيا طور ظاهر ٿيا آهن جيڪا حقيقت ۾ جسماني طور موجود ڪونه آهن پر سافٽ ويئر پاران ٺاهي وئي آهي، جنهن کي ورچوئل ريئلٽي چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ سيلفي هڪ نئين عام ثقافتي نموني طور سامهون آئي آهي. مشهور شخصيتن کان ويندي عام ماڻهو تائين سيلفي اڄ جي دور سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ لازمي جز تصور ڪيو وڃي ٿو.

سيلفي جو اصطلاح 21هين صديءَ جي شروعات ۾ عام ٻوليءَ جو حصو بڻيو. هڪ تصوير وٺڻ نه رڳو عڪس پڪڙڻ آهي پر اهو اظهار ۽ آن لائين سڃاڻپ ٺاهڻ پڻ آهي. سماجيات جا ماهر دليل ڏين ٿا ته سيلفي علامتي رابطي جو هڪ روپ آهي. هر ماڻهو ۾ سماجي تصديق، منظوري ۽ ساراهه جي خواهش موجود هوندي آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو ته سماجي طور ان کي پسند ڪيو وڃي. سيلفي تي پسند جا نشان، تبصرا ۽ شيئر حاصل ڪرڻ اصل ۾ دماغ جي انعام واري نظام کي چالو ڪن ٿا. ٻين لفظن ۾ جنهن جا جيترا فالوورس آهن يا جيڪو سماجي رابطي جي سائيٽن تي سرگرم آهي، اهو اوترو ئي سماجي طور سماج کان هم آهنگ ۽ ڪامياب سمجهيو وڃي ٿو.

سماجيات سيلفي ڪلچر کي صنف، طاقت ۽ نمائندگيءَ جي مسئلن سان پڻ ڳنڍي ٿي، تحقيق ظاهر ڪري ٿي ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون سيلفي وٺڻ واري عمل ۾ وڌيڪ مشغول هونديون آهن. سونهن بابت سماجي معيارن جي عڪاسي فلٽر ۽ ايڊيٽنگ ٽولز کي استعمال ڪيو ويندو آهي. اهو لاڙو غيرحقيقي حسن جي نظرين بابت پڻ سوال اٿاري ٿو. سنڌي ڪلچر سان جديد سيلفي ڪلچر ٽڪراءُ ۾ آهي. سنڌي عورتون جيڪي گهڻي وقت کان پٺ تي پيل ۽ سماجي رسمن جي پاڇي تائين محدود هيون ۽ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار ريتون ۽ رواج صدين کان هلندا پئي آيا، هن وقت به سيلفي ڪلچر جي آمد آزادي ۽ انهن جي سماجي اڪيلائي مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ متضاد موقعو آهي. ڪيترين ئي سنڌي ڇوڪرين لاءِ سيلفي خود اظهار ۽ خودمختيار لاءِ هڪ نئون هٿيار آهي. اهڙي سماج ۾ جتي عورتن جي وآز کي دٻايو ويو هجي، انهن جي جسمن کي ماڻهن جي نظرن کان لڪايو وڃي، اتي سيلفي وٺڻ ۽ شيئر ڪرڻ پڻ هڪ انقلابي قدم آهي. سيلفين وسيلي عورتن جي موجودگيءَ جو ثبوت ملي ٿو. ورايتي صنفي ڪردارن لاءِ پڻ چئلينج آهي. پنهنجي جسم جي سڃاڻ ۽ مالڪي جي دعوا پڻ سيلفي ڪڍڻ مان ممڪن ٿي سگهي ٿي. پراڻي دور ۾ جتي عورتون رڳو گهر تائين محدود هونديون هيون، سليفي ڪلچر ٻاهرئين دنيا ۾ سندن هڪ جهلڪ پيش ڪري ٿو ۽ کين گهرن جي حدن تائين ٻاهر ٻين سان ڳنڍجڻ جو هڪ ذريعو آهي.

بهرحال جتي سنڌ ۾ ڪجهه عورتون سيلفين کي بااختيار بڻجڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري رهيون آهن ته ڪجهه ان جي ابتڙ ٻيون وري روايتي حسن جي معيار کي برقرار رکڻ ۾ مصروف آهن. هڪ اهڙو سماج جتي عورت جي قيمت گهڻو ڪري هن جي جسماني شڪل سان ماپي وڃي اتي غيرحقيقي حسن جا اهي اوزار استعمال ڪرڻ جو دٻاءُ تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ مايوسي، پاڻ کي ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ سمجهڻ، پاڻ تان يقين ختم ٿيڻ وارا جذبا پيدا ٿين ٿا.

سيلفي ڪلچر ۽ روايتي قدرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ سنڌ جي عورتن لاءِ مخلتف چئلينجز پيدا ڪري ٿو. سيلفي وٺڻ ۽ شيئر ڪرڻ کي اسان جي سماجي ۾ منع يا غيرمعمولي طرز تي ڏٺو وڃي ٿو. سماجي ڇڪتاڻ ۽ ردعمل جي خطري جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي عورتن کي خود اظهار ۽ سماجي اميدن جي وچ ۾ هڪ توازن برقرار رکڻو ٿو پوي. گهڻيون عورتون تڪرار کان بچڻ لاءِ پاڻمرادي سينسرشپ جو رستو اختيار ڪن ٿيون.

عورتن جي سيلفين تي واکاڻ لڳ ڀڳ رواج بڻجي ويو آهي. مردن جي مجبوري وئي آهي ته پنهنجي پسند جي عورت جي سيلفي تي ڪمينٽ ڪرڻ. انهن ڪمينٽن ۾ بيوٽيفل، شاندار، ماشاالله، سبحان الله، جهڙا اصطلاح عام استعمال ٿين ٿا. جنهن مان اهو اندازو لڳائڻ سولو آهي ته حقيقي سونهن بدران انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ واري سونهن وڌيڪ پسند ڪئي ويندي آهي.

جيتوڻيڪ سيلفي ڪلچر انفرادي نفسيات، ڪلچر تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ بظاهر بي ضرر لڳي ٿو پر سيلفي ڪلچر هڪ دلچسپ ۽ منجهائيندڙ عمل پڻ آهي. نقادن جو چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ سيلفيون ڪڍڻ ۽ ذر ذر اها ڪوشش ڪرڻ پريشاني، ڊپريشن ۽ گهٽ خوداعتمادي کي پڻ جنم ڏئي سگهي ٿي. خاص طور تي نوجوانن ۾ جيڪي سماجي مقابلي بازيءَ لاءِ وڌيڪ حساس هوندا آهن. هن نئين دور ۾ جتي ٽيڪنالاجي سماجي روين ۽ طريقن کي نئين شڪل ڏئي رهي آهي، اتي سيلفي ڪلچر کي سمجهڻ ۾ پڻ وقت لڳندو.