English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دي چينج آرگنائيزيشن ۽ اسپورٽ اينڊ يوٿ ڊپارٽمنٽ سنڌ حڪومت طرفان ٻہ ڏهاڙن واري نيشنل پرائيڊ ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ حيدرآباد ۾ منعقد
views
|
30th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
پهرين ڏينهن ڪوھسار لائنز، اقبال ڪلب ۽ پاڪ پينٿرز فاتح رهيون. ٻئي ڏينهن ڪوھسار لائنز ۽ اقبال ڪلب فائنل ۾ پهتا
حيدر آباد؛ دي چينج آرگنائيزيشن ۽ اسپورٽ اينڊ يوٿ ڊپارٽمنٽ سنڌ حڪومت طرفان ٻہ ڏهاڙن واري نيشنل پرائيڊ ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي. ٽورنامنٽ ۾ 8 ٽيمون شامل هيون جن ۾ ڪوھسار لائنز، رائزنگ اسٽار، الازيد ڪلب، پاڪ پينٿرز، اقبال ڪلب ۽ هوڪس ڪرڪيٽ ڪلب شامل هيون. پهرين ڏينهن ڪوھسار لائنز، اقبال ڪلب ۽ پاڪ پينٿرز فاتح رهيون. ٻئي ڏينهن ڪوھسار لائنز ۽ اقبال ڪلب فائنل ۾ پهتا. فائنل ۾ ڪوھسار لائنز اقبال ڪلب کي شڪست ڏئي سوڀ ماڻي ورتي ٽورنامنٽ جي پڄاڻي تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۽ ٽيمن ۾ ٽرافيون ۽ انعام ورهايا ويا. ڪوھسار ڪلب کي فائنل کٽڻ تي ونر جي ٽرافي، جڏهن ته اقبال ڪلب کي رنر اپ ٽرافي ڏني وئي. ڪوھسار ڪلب جي ڪپتان فراز خان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پليئر آف دي ٽورنامنٽ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ٻين رانديگرن کي ميڊل ڏنا ويا. اختتامي تقريب ۾ خاص مهمان ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سر عطاء الله چيو ته ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ اهڙا ٽورنامنٽ وڌيڪ ٿيڻ گهرجن، ڇو ته ان سان رانديگرن کي پنهنجي راند بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. جڏهن ته ڊي پي سر شاهد ولي چيو ته اهڙا ٽورنامنٽ ٿيڻ سٺو سنوڻ آهي مسقبل ۾ به اهڙا ايونٽ ٿيڻ گهرجن، جنهن سان اهي ڇوڪرا اڳتي هلي پاڪستان يا ڪنهن سٺي ٽيم لاءِ راند ڪري سگهن ٿا. رانديگرن دي چينج آرگنائيزيشن ۽ سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي اهڙا ٽورنامنٽ کيڏڻ جا موقعا ملندا. شائقين به خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته حيدرآباد ۾ اهڙا ايونٽ ڏسي کين سرهائي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
دي چينج آرگنائيزيشن
نيشنل پرائيڊ ڪرڪيٽ چيمپيئن
حيدرآباد
0 تبصرے