نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز جي مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز گندگي جي لپيٽ ۾ روڊ رستن ۽ رهائشي ڪالونين سميت ھر طرف برسات ۽ گٽرن جو پاڻي بيٺل مختلف سياسي، سماجي ڌرين پاران ڏهين ڏينهن به احتجاج جاري، شھرين جو ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي ناقص ڪارگردگي ۽ مڇرمار اسپري نه ٿيڻ خلاف سخت نعري بازي ڪئي، 5 سيٽمبر تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان احتجاج ۾ مختلف تنظيمن شهرين ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن محمد يونس راڄپر، بشير انصاري، مختیار ڪلھوڙو، خان محمد سولنگی ۽ ٻين چيو ته گندي پاڻي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي شھر جا سڀئي علائقا برسات ۽ گندي پاڻي سان ڀريل آھن دڪانن سان گڏ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو آھي گلين ۾ گندگي جو ڍير آھن اسان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھيون مونسپل ڪاميٽي شهر جي صفائي ۽ سٿرائي جي لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ميونسپل انتظاميا گهوٻيون هڻي ڪرپشن ڪري کائي رهيا آھن ميونسپل ۾ 169 سينيٽري ملازم آھن انهن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي ڊيوٽي چور ملازم ۽ ويزا سسٽم جي ڪري شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي هنن شهر جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي فوڊ گدام ڪالوني، طالب سولنگی، جمن راجپر، گامون مگٹیجو، مٺياڻي روڊ، الله وارو چونڪ، ٺاوشاھ اسٽاپ، اياز ڪالوني، سيال محلا، سنڌ ڪالوني، رياض ڪالوني، اسماعیل شاہ ھيٺائين چونڪ زردارڪالوني ڪاليج روڊ سميت شھر جا 16 ئي وارڊ ۽ آس پاس جا علائقا گندگي جي ور چڙهيل آهن ۽ گٽرن جو گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهي رهيو آهي ان کان علاوه برسات جو پاڻي الڳ بيٺو آھي شهر جي حالت خراب آهي گندو پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي بار بار چوڻ بعد به مڇرمار اسپري به نه ٿو ڪرايو وڃي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ ۽ ميونسپل آفيسر لياقت ڀٽي صرف ڪرپشن ۾ رڌل آهن اسان اعلا اختيارين کان گهر ٿا ڪيون ته ميونسپل چيئرمين، انتظاميا ۽ ڪرپشن ڪندڙ ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري شهر مان گندگي جو آزار ختم ڪيو وڃي۔