لياقت بلوچ جون ڪراچي ۾ اياز لطيف پليجي سميت مختلف سياسي ۽ قومپرست اڳواڻن سان ملاقاتون

لياقت بلوچ جون ڪراچي ۾ اياز لطيف پليجي سميت مختلف سياسي ۽ قومپرست اڳواڻن سان ملاقاتون

لياقت بلوچ جون ڪراچي ۾ اياز لطيف پليجي سميت مختلف سياسي ۽ قومپرست اڳواڻن سان ملاقاتون

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ۽ سياسي ڪميٽي جي صدر لياقت بلوچ ڪراچيءَ ۾ قومپرست اڳواڻن عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، ترقي پسند پارٽي جي جنرل سيڪريٽري گلزار سومرو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ جڳديش آهوجا، جمعيت علماءَ اسلام جي مولانا عبدالڪريم عابد ۽ جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، ڪراچي جي عبوري امير منعم ظفر سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن وقت سڄو ملڪ لاقانونيت، آئين جي پامالي ۽ بدترين اقتصادي ۽ سياسي بحران جو شڪار آهي، بي اعتمادي، بي يقيني جي ڪري ملڪ ۾ اندر ئي اندر زهر ڦهلجي رهيو آهي، اعلى عدليه تاريخ ۾ سخت دٻاءُ جو شڪار جڏهن ته ملڪ ۾ سياست، عدليه، حڪومت ۽ سول ملٽري اسٽيبلشمنٽ جي غير آئيني ڪشمڪش سياسي، جمهوريت، پارليامينٽ ۽ عوام جي حقن تي خوفناڪ اثر وجهي رهي آهي جنهن جي ڪري مستقبل ۾ غير آئيني ايڊونچر جو خطرو وڌنڌو پيو وڃي. تمام ادارن، پاليسي سازن، حڪمران توڙي طاقتور ادارن کي پنهنجي ذاتي خواهشن جي بالادستي واري خواهش کي هڪ پاسي رکي ڪري آئيني حدن اندر رهڻو پوندو نه ته سڀئي نقصان ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. پاڪ فوج قومي سلامتيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهي، پر سندس سياسي ڪردار جي ڪري عوام جي دلين ۾ فوج لاءِ عقيدت ۽ محبت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. لياقت بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي توڙي اقتصادي بحران جي ڪري سياسي عدم استحڪام ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڇڪتاڻ قومي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ آهي، 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجن ۾ تبديلي سياست کي غير مقبول ۽ ڪمزور ترين سطح تي وٺي آئي آهي. فارم 45 ئي اصل عوامي مينڊيٽ جي سڃاڻپ آهي. اسٽيبلشمنٽ ۽ سندس سهولتڪارن اقتدار جي حَوس ۾عوامي مينڊيٽ کي چٿي ڇڏيو، جيڪڏهن عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ڪرڻ جي روش ائين ئي جاري رهي ته ملڪ ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ پاورپاليٽڪس جي بدصورت ڪشمڪش ملڪ کي تباه ڪري ڇڏيندي.2 جون تي ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي غزہ فلسطين ملين مارچ فقيد المثال ۽ تاريخي ثابت ٿيندو. لياقت بلوچ ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد خان ۽ وينجھار مئگزين جي ايڊيٽر مجاھد چنا سان ملاقات ۾ يقين ڏياريندي چيو تہ پيمرا قانون ۽ پيڪا ايڪٽ ۾ صحافت کي غلام بنائڻ وارن حڪومتي ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ جماعت اسلامي صحافي برادري سان گڏ آھي. حڪومتي ٽولو صحافت کي ڪنٽرول ڪرڻ وارن امراڻن ارادن کان مڙي وڃن.#