حيدرآباد پوليس ھٿان فل فراءِ ٿيل راشد ملاح واري واقعي خلاف سجاول ۾ ڌرڻو

حيدرآباد پوليس ھٿان فل فراءِ ٿيل راشد ملاح واري واقعي خلاف سجاول ۾ ڌرڻو

حيدرآباد پوليس ھٿان فل فراءِ ٿيل راشد ملاح واري واقعي خلاف سجاول ۾ ڌرڻو

سجاول (گلشيرميرڀحر) ڪجھ ڏينھن اڳ حیدرآباد ۾ پولیس ھٿان مبینا قتل ٿيل سجاول واسي نوجوان راشد ملاح جي وارٽن، مختلف سیاسی سماجی تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ وڏي تعداد ۾ ملاح برادري جي ماڻهن پاران پبلڪ پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ایس ایس پی آفیس سجاول اڳيان سجاول-بدین نیشنل ھائي وي تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو. ڌرڻي جي ڪري روڊ جي ٻنھي طرفن کا گاڏين جون ڊگھيون قطارون جمع ٿي ويون جنھن سبب مسافرن کي سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. مظاھري ۾ شريڪ ماڻھن پاران پولیس خلاف سخت نعری بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مقتول راشد ملاح جي وارٽن، پ پ پ لیذیز ونگ ضلعي سجاول جي صدر فردوس عزیز میربحر، ملاح برادری جي اڳواڻ آڪاش ٻاگھل ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ راشد ملاح کي سجاول پولیس اور حیدرآباد پولیس سجاول لڳ سندس ڳوٺ محمد ملاح مان گرفتار ڪري کڻي ويا ۽ بعد ۾ خودڪشي جو ڪوڙو ڊرامون رچائي مبینا قتل ڪيو آھي جڏھن تہ ایس ایس پي سجاول ۽ ایس ایس پي حیدرآباد نوجوان راشد ملاح جي قتل ۾ ملوث آھن۔ ھنن چيو تہ مقتول راشد ملاح کي ایس ایس پي سجاول شھلا قریشي جي مدد سان حیدرآباد پولیس گرفتار ڪري بیگناھ قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي۔ ھنن چيو تہ مقتول راشد ملاح جي قتل ۾ ملوث ايس ايس پي سجاول ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ قتل جي شفاف جانچ ڪري قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏئي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ھنن چتاء ڏيندي چيو تہ راشد ملاح جي ناحق قتل جو وارثن کي انصاف نہ ملڻ تائين اسان خاموش نہ ويھنداسين. احتجاجي ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين نواز خان زئور، امير البحر اڳواڻ احمد ملاح، ايس ٽي پي ضلعي صدر محمد جمن سنڌي، پي ٽي آئي جي دانش ديدار پٺاڻ ۽ ٻين مختلف تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪري مقتول راشد ملاح جي قاتلن کي سزا ملڻ تائين سندس وارثن سان ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو.