رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب

ادبي حلقن پاران شاندار ڀيٽا، عالم شير گبول سنڌ جو قيمتي ادبي سرمايو قرار

رزاق آباد ۾ بزرگ شاعر عالم شير گبول جي مانَ ۾ تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاعر، ليکڪ، دانشور ۽ بزرگ سماجي شخصيت عالم شير گبول جي مانَ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير ۽ عوامي پريس ڪلب ملير (رجسٽرڊ) جي گڏيل سهڪار سان رزاق آباد ۾ هڪ پروقار علمي ۽ ادبي ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، دانشورن ۽ علائقي جي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب محبت، علم، ادب ۽ فڪري وابستگيءَ جو حسين امتزاج ثابت ٿي جتي شرڪت ڪندڙن عالم شير گبول جي ڊگهي ادبي، علمي ۽ سماجي خدمتن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪندي کين سنڌ جي علمي ۽ ادبي روايت جو روشن استعارو قرار ڏنو ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت، عوامي پريس ڪلب ملير ۽ مختلف سماجي شخصيتن پاران عالم شير گبول کي اجرڪون، روايتي هار ۽ تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ڀرپور تاڙيون وڄائي سندن شاندار آجيان ڪئي ادبي ويهڪ کي خطاب ڪندي سيد غفور شاهه تقوي چيو ته عالم شير گبول پنهنجي سموري زندگي علم، ادب، انسان دوستي ۽ سماجي هم آهنگيءَ جي واڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. سندن شاعري رڳو لفظن جو مجموعو نه، پر ڌرتيءَ سان محبت، انساني احساسن، سماجي شعور ۽ قومي قدرن جي عڪاسي ڪندڙ آهي. هنن نه رڳو پنهنجي قلم ذريعي سماج جي رهنمائي ڪئي، پر پنهنجي دانائي ۽ معاملن کي سلجهائڻ واري صلاحيت سان ڪيترن ئي سماجي تڪرارن جي حل ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو ليکڪ وحيد محسن چيو ته عالم شير گبول انهن شخصيتن مان آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جي هر دور ۾ نوجوان نسل جي تربيت، ادبي ذوق جي آبياري ۽ معاشرتي قدرن جي استحڪام لاءِ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اڄ به سندن اکين ۾ پنهنجي وطن، ثقافت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اميد جي روشن ڪرڻ نظر اچي ٿي سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته قومون پنهنجي محسنن ۽ اهلِ قلم کي هميشه ياد رکنديون آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ اهي ئي ماڻهو پنهنجي فڪر، ڪردار ۽ تخليقن ذريعي ايندڙ نسلن لاءِ راهون هموار ڪندا آهن. عالم شير گبول جي زندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته علم ۽ ادب جو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي، بلڪه اهو نسل در نسل منتقل ٿيندي سماجن کي زندهه رکندو آهي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاھ چيو ته سنڌ جي سرزمين هميشه اهلِ علم ۽ دانش سان مالا مال رهي آهي ۽ عالم شير گبول انهن درخشنده شخصيتن مان هڪ آهن، جن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ سماجي بصيرت سان نه رڳو ملير، پر سڄي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. سندن خدمتن کي وسارڻ ممڪن ناهي، ۽ نئين نسل کي گهرجي ته هو سندن زندگي، جدوجهد ۽ ادبي ورثي مان رهنمائي حاصل ڪري تقريب جي پڄاڻيءَ تي عالم شير گبول شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته انسان جي اصل سڃاڻپ سندس ڪردار، محبت ۽ خدمت ۾ لڪل هوندي آهي. هن خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اڄ به ادب سان وابسته ماڻهو پنهنجن بزرگن کي ياد رکن ٿا ۽ سندن همٿ افزائي ڪن ٿا. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو مطالعي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائين ۽ پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان پنهنجو تعلق وڌيڪ مضبوط ڪن ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ملير جي سيڪريٽري مجيب سنڌي، ڊاڪٽر شيرو راٺوڙ ، رئيس عبدالله گبول، ڪامريڊ وهاب گبول، ممتاز لغاري، حاجي گبول، ڌڻي بخش گبول ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.