لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو

لوڻي ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي پورھيتن جو احتجاجي مظاھرو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) لوڻي ڪوٽ ۽ ان جي اسپاس واري ڪوھستاني پٽي ۾ ريتي، بجري، پٿر ۽ روھڙي کڻڻ تي لاڳو ڪيل بندش بعد پٿر، روھڙي، ريتي، بجري ڪڍندڙ پورھيت توڙي بيلچي ۽ ڪھاڙي سان ڪم ڪندڙ مزدور روزگار بند ٿيڻ ڪري فاقہ ڪشي تي مجبور ٿي ويا آھن، جن ھٿن ۾ بيلچا کڻي سخت احتجاج ڪندي ڪامريڊ علي محمد شورو ۽ ٻين چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ اڳ ئي مھنگائي، بيروزگاري سبب ھتان جو پورھيت سخت پريشان آھي، مٿان وري روزانو جي بنياد تي تيل جون قيمتون چاڙھي غريب عوام مٿان مھنگائي جو بم ڪيرايو پيو وڃي، ھنن چيو تہ سندن ھتي روزگار جو واحد وسيلو ريتي، بجري، روھڙي ۽ پٿر جي دڪن تي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا، جن کي پڻ بن ڪنھن سبب جي بند ڪيو ويو اھي، ھنن چيو تہ اسان ريتي بجري جون گاڏيون مشينن بجاء بيلچي وسيلي ڀريندا آھيون، ان تي بہ پابندي لڳائي اسان کان اھو روزگار جو وسيلو بہ کسي ڇڏيو اھي، جنھن ڪري اسانجا خاندان ھن وقت بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻيل آھن. ھنن چيو تہ ھن کان اڳ ۾ ڪاٺ جي واڍي تي بہ پابندي ھڻي ڇڏي آھي، جتي اسان ھاڻي ديويون وڍي بہ روزگار ڪري نٿا سگھون. ھنن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي تہ لوڻي ڪوٽ واري ڪوھستاني پٽي ۾ ريتي بجري جي دڪن تي لڳل پابندي ختم ڪري کين روزگار مھيا ڪيو وڃي، جيئن ھو ٻچن کي بک ۽ بدحالي کان بڇائي سگھن. ھنن آخر ۾ اھو پڻ انڪشاف ڪندي چيو تہ ٻولھاڙي ۽ ڪوٽڙي ۾ بااثر ماڻھن جا ريتي جا دڪا ھلن پيا، جتان ريتي مشينن شاولن ذريعي کنئي پئي وڃي، پابندي صرف لوڻي ڪوٽ ۽ ان جي اسپاس جي علائقن تي لاڳو ڪئي ويئي آھي، جيڪا ساڻن وڏي زيادتي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ قانون سڀني لاء ھڪجھڙو آھي، ان ڪري حڪومت کي گھرجي تہ نظرثاني ڪري ھتي ريتي ۽ بجري جي دڪن تي لڳل پابندي ختم ڪري کين روزگار مھيا ڪيو وڃي. جيئن ھو راشن وٺي پنھنجي خاندان کي فاقہ ڪشي کان بچائي سگھن.