حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تانيه خاصخيلي ڪيس جي جوابدار کي گھٽ سزا ملڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي، دعا خاصخيلي وڪيل سميت پيش

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تانيه خاصخيلي ڪيس جي جوابدار کي گھٽ سزا ملڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي، دعا خاصخيلي وڪيل سميت پيش

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تانيه خاصخيلي ڪيس جي جوابدار کي گھٽ سزا ملڻ خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي، دعا خاصخيلي وڪيل سميت پيش

حيدرآباد(بيورو) تانيا خاصخيلي قتل ڪيس ۾ وارثن پاران سيوهڻ جي عدالت واري فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ وارو معاملو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ سيوھڻ جي عدالت پاران جوابدار خان محمد نوحاڻي کي عمر قيد جي سزا، ھڪ جوابدار کي بري ۽ ٻئي کي اشتھاري قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي ، مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي وڪيل غلام فاروق قاضي معرفت عدالت ۾ پيش ٿي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لڳ ڀڳ 7 سال اڳ جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي ساٿين سان گڏجي ڀيڻ کي قتل ڪيو، انصاف جي حاصلات لاءِ 6 سال عدالتن جو پنڌ ڪيوسين پر مڪمل انصاف فراهم ناهي ٿيو، ٻڌڻي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ڪئي، وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته 20 نومبر 2023ع تي سيوھڻ جي عدالت تانيه خاصخيلي واري قتل ڪيس ۾ مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي رڳو عمر قيد ۽ هڪ جوابدار علي کي بري ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ڪيس ۾ لاڳيتو هڪ جوابدار مولابخش اڃا تائين روپوش آهي جيڪو فيصلي بعد اشتهاري قرار هئڻ باوجود گرفتار ناهي ٿي سگهيو، جوابدار خان محمد عرف خانو جي سزا عمر قيد مان ڦاهي ۾ تبديل ڪري بري ٿيل جوابدار علي کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها ڳاله ٽرائل ۾ واضح ٿي آهي ته جوابدارن تانيه کي قتل ڪيو پوءِ به هو سزا کان ڪيئن آجا ٿي سگهن ٿا، عدالت لاڳيتو روپوش جوابدار مولا بخش کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏي ته جيئن کيس سزا ملي سگهي، عدالت اسان جا دليل ٻڌا آهن پر فيصلو عدالتي وقت ختم ٿيڻ بعد جاري ٿيندو، تانيه خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ڀيڻ تانيا خاصخيلي کي گھر ۾ گھڙي خان محمد عرف خانو نوحاڻي قتل ڪيو، اسان مڪمل انصاف لاءِ ان فيصلي کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آھي ته جيئن مک جوابدار کي ڦاهي جي سزا ملڻ سان گڏ بري ٿيل جوابدار ۽ روپوش جوابدار کي به گرفتاري کان پوءِ قانون موجب سزا ملي سگهي،