سجاول ۾ ڦر دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ فوجي جوان زخمي، ڪراچي منتقل

سجاول ۾ ڦر دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ فوجي جوان زخمي، ڪراچي منتقل

سجاول ۾ ڦر دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ فوجي جوان زخمي، ڪراچي منتقل

سجاول(رپورٽر) سجاول ضلعو ڏوھارين جو ڳڙهه بنجي ويو. ڏوھارين پاڪ فوج جي نوجوان کي بہ نہ بخشيو ، مزاحمت تي ڦورن فوجي جوان کي گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.سجاول. ميرپور بٺورو روڊ ميان ملوڪ اسٽاپ تي نامعلوم ڦورن جھوڪ شريف جي رھائشي فوجي جوان فدا برهماڻي کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي مزاحمت دوران ڦورن فوجي جوان کي گولي هڻي سخت زخمين ڪري ڇڏيو ، زخمي کي تعلقه اسپتال ميرپور بٺورو آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد تشويشناڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو