قبيلائي جهيڙن علائقي جو امن تباهه ڪيو آھي اليڪشن بعد ساوند سندراڻي تڪرار جو سرچاء ڪرايو ويندو: محمد بخش مھر

قبيلائي جهيڙن علائقي جو امن تباهه ڪيو آھي اليڪشن بعد ساوند سندراڻي تڪرار جو سرچاء ڪرايو ويندو: محمد بخش مھر

قبيلائي جهيڙن علائقي جو امن تباهه ڪيو آھي اليڪشن بعد ساوند سندراڻي تڪرار جو سرچاء ڪرايو ويندو: محمد بخش مھر

سرحد(رپورٽر) مهر سردارن ۾ سرچاء بعد محمد بخش مهر ۽ حاجي خان مهر جي گڏيل چونڊمهم، سرحد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گڏجاڻيون ۽ ميڙاڪا، قبيلائي جهيڙن علائقي جو امن تباهه ڪيو آھي اليڪشن بعد ساوند سندراڻي تڪرار جو سرچاء ڪرايو ويندو، سرحد کي ٽائون جو درجو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هميشه پرامن سياست ڪئي آھي سوڀارا ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين، محمد بخش مهر، خبرموجب مهر قبيلي جي سردار محمد بخش خان مهر، سردار علي گوهر خان مهر ۾ سرچاء ۽ سردار علي گوهر خان مهر توڙي علي نواز خان مهر جي پ پ ۾ شموليت بعد ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ چيف سردار محمد بخش مهر ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر گڏيل چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آھي ان سلسلي ۾ سرحد ڀرسان سردار حاجي خان مهر ڳوٺ رنگ علي شاهه، تاجو گهنڃو، مور مهر ۽ ٻين علائقن ۾ چونڊمهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻيون ڪيون ان کان علاوهه سردار محمد بخش مهر، ۽ سردار حاجي خان مهر گڏيل طور تي اتحادين ۽ پ پ اڳواڻن حامد جويو، شعبان مهر، ابوذر لکڻ، هاشم مهر، سٽي سرحد، محمد امين مھر۽ ٻين علائقن توڙي اتحادين جي گڏجاڻين ۽ آجياڻي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي پي ايس 22 خانڳڙهه جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش خان مهر، ۽ اڳوڻي ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مهر جو چوڻ هو ته ساوند سندراڻي، لکڻ عباسي، ۽ ٻيا تڪرار ختم ڪرائڻ لاء اليڪشن کان بعد ڌرين ۾ سرچاء ڪرائينداسين علائقي جو امن اسانکي سڀ کان عزيز آھي، پ پ حڪومت ٺهڻ بعد سرحد کي ٽائون جو درجو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪبي، ترقياتي ڪمن جي شروعات سرحد مان ڪئي ويندي، سرحد واسي نوجوان رانديگرن لاء ڪرڪيٽ جي گرائونڊ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن جلد سرحد ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ٺهرايو ويندو، هنن وڌيڪ چيو ته پ پ عوامي جماعت آھي جيڪا اٽو لٽو اجهو جي منشور تي عمل پيرا آھي، هنن وڌيڪ چيو ته مهر خاندان هميشه پرامن سياست ڪئي آھي اسانجي دور ۾ علائقي جي امن ۽ توڙي ترقي بابت وڏو ڪم ڪيو ويو، ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام جي ساٿ سان سوڀارا ٿي عوامي خدمت جاري رکنداسين، ان موقعي تي ڪمال خان مھر حاجي زبردست خان مھر غلام رسول مھر مير خان مھر سيد ارشاد شاهه قريشي، رئيس علي گوهر نائچ، ڀورل ڀيو، گامڻ گبول، علي مراد مھر عبدالحفيظ مھر حاڪم مھر ، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا