سجاول ۾ جي يو آءِ پاران وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين خلاف احتجاجي ريلي

سجاول ۾ جي يو آءِ پاران وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين خلاف احتجاجي ريلي

سجاول ۾ جي يو آءِ پاران وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين خلاف احتجاجي ريلي

سجاول (گلشيرميربحر) جمعيت علماء اسلام ضلع سجاول پاران وڌندڙ بدامني منشيات،جوا،آڪڙا، چورين خلاف جامع مسجد چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سجاول پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ، ريلي ۾ مولوي محمد انور سومرو،مولوي غلام حسين ميمڻ،ڪائونسلر مولوي حسن قاسمي،آفتاب پھنور،مولوي اشرف ميمڻ،واپاري اڳواڻ نياز احمد ميمڻ ،حافظ رياض ميمڻ،سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انھيءَ موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سجاول ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو آھي ، سجاول ، چورن ، فورن ، ۽ منشيات فروشن جي ور چڙهيل آھي، شھري توڙي ٻھراڙيءَ جا ماڻھو غير محفوظ بڻيل آھن ، سجاول پوليس ڏوھن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، جڏهن ته شھري وارداتن خلاف پوليس وٽ ڪمپلين داخل ڪراڻ لاء وڃن ٿا ته پوليس پنھنجو فرض نڀائڻ بدران شھرين کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪري چوي ٿي توھان اتي ڇا جي لاء ويا ، ڏوھن جي وارداتن ۾ اضافي کان پوء سجاول جا شھري ڪاروبار به نٿا ڪري سگھن، مظاھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايس ايس پي سجاول ڀتا اوڳارڻ ۾ مصروف آھي سوين موٽرسائيڪلن سميت ٻيون چوريون ٿي رھيو آھن پر اڃان تائين رڪور ناھن ٿي سگھيون، سجاول پوليس چورن کي ٻنجو ڏيڻ بجاءِ کلي چوٽ ڏئي ڇڏي آھي انھن وڌيڪ چيو آھي ته سجاول جي مختلف علائقن بس اسٽاپ،نيشنل بينڪ،پبلڪ پارڪ،سول اسپتال،سميت ڪنڊ ڪرڇ ۾ آئيس،ھيروئن، شراب،گٽڪا ،آڪڙا پرچي سريعام ھلي رھيا آھن پوليس انھن مٿان ڪارروائي ڪرڻ بجاء انھن کان ھفتو وصول ڪرڻ ۾ مصروف آھي سجاول جا شھري غير محفوظ بڻجي چڪا آهن انھن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي سجاول شھيلا قريشي کي بدلي ڪري سندس جاء تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ته سجاول ۾ امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو