مدئجي ويجهو وارهه پل وٽ ٽرالر رڪشا تي چڙهي ويو، 4 عورتون فوت، زال مڙس زخمي

مدئجي ويجهو وارهه پل وٽ ٽرالر رڪشا تي چڙهي ويو، 4 عورتون فوت، زال مڙس زخمي

مدئجي ويجهو وارهه پل وٽ ٽرالر رڪشا تي چڙهي ويو، 4 عورتون فوت، زال مڙس زخمي

مدئجي (رپورٽر) مدئجي لڳ وارھ پل ڀرسان اچي مسجد وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ سي اين جي رڪشه ۾ ٽڪر ٿي پيو آھي،جنهن جي نتيجي ۾ سي اين جي رڪشه سوار ڳوٺ مسوديرو جا رهواسي 4 عورتون فريدان شيخ، حاجرا شيخ، نجمه شيخ،زينب شيخ فوت ٿي ويون آھن ۽ زخمين ۾ زال شڪيلا شيخ ۽ مڙس وسيم شيخ سخت زخمي ٿي پيا آھن،هڪ ڪلاڪ تائين لاش پيل رهيا ۽ زخمي روڊ تي تڙپندا رهيا پر اسپتال توڙي 1122 جي ايمبولنس واقعي واري هنڌ نه پهتي.جنهن بعد رستي ويندڙ مسافر ماڻھن زخمي ۽ فوتين کي گاڏي ۾ وجهي مدئجي اسپتال پهچايو. اڇي مسجد وٽ سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي روڊ حادثي دوران برقت مدئجي اسپتال ۽ 1122 جي ايمبولنس نه پهچڻ جو ڊي سي شڪارپور الطاف حسين چاچڙ نوٽيس وٺي فوري طور تي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي،جنهن بعد انڪوائري آفيسر ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر پرويز احمد سومرو اسپتال جي مين گيٽ بنڌ ڪري هڪ طرفي انڪوائري ڪرڻ لڳو آھي،انڪوائري ۾ نه اکين ڏٺن شاهدن نه وري فوتي ۽ زخمين جي وارثن کي انڪوائري ۾ شامل ڪيو ويو آھي،ان موقعي تي شهرين ڊي ايڇ او اڳيان ايمبولنس نه هجڻ،دوائون ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ جون دانهون ڪيون ويون آھن،ان موقعي تي ڊي ايڇ او شڪارپور اعتراف ڪندي چيو ته ايمبولنس جو ڊرائيور رٽائرڊ ٿي ويو آھي،ٻيو ڪوبه ڊرائيور نه آھي،ڊاڪٽرن جي شارٽيج آھي ۽ عملو به گهٽ آھي،سسٽم مٿان کان ئي خراب آھي،وڌيڪ برقت ايمبولنس نه پهچڻ ۽ اسپتال ۾ عملو دوائون نه هجڻ جي انڪوائري تي پهتو آھيان،ڊيوٽي ۾ غفلط ڪندڙ عملي خلاف سخت قدم کنيا ويندا.