شڪارپور ۾ جي يو آءِ جو جلسو، آزاد اميدوار آغا تيمور پٺاڻ جي جي يو آءِ ۾ شموليت

شڪارپور ۾ جي يو آءِ جو جلسو، آزاد اميدوار آغا تيمور پٺاڻ جي جي يو آءِ ۾ شموليت

شڪارپور ۾ جي يو آءِ جو جلسو، آزاد اميدوار آغا تيمور پٺاڻ جي جي يو آءِ ۾ شموليت

شڪارپور (احسان ابڙو) عام چونڊن جي حوالي سان شڪارپور ۾ سياسي سرگرميون تيز شڪارپور جي اهم شخصيت PS 7 جي آزاد اميدوار آغا تيمور خان پٺاڻ پنهنجي خاندان ۽ ساٿين سميت جي يو آء جي صوبائي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو ۽ ٻين جي يو آئي جي صوبائي توڙي ضلعي اڳواڻن جي موجودگي پريس ڪانفرنس ڪندي آغا تيمور خان جي يو آئي ۾ شموليت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو، آغا تيمور خان چيو ته جي يو آئي قيادت طرفان دعوت ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان ۽ اڄ کانپوءِ اسان مولانا فضل الرحمان ۽ راشدمحمود سومرو سان گڏجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪنداسين. راشدمحمود سومرو صاحب پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي چيو ته جتوئي ڀائرن جي شموليت کان پوءِ ھاڻي آغا تيمور خان جي اچڻ سان جي يو آئي کي وڌيڪ قوت ملي آهي، ۽ رڳو ٻه ڏينهن انتظار ڪيو ٻي به وڏي سرپرائز ڏيندس،شڪارپور ۾ سڀني سيٽن تي ڪلين سوئيپ ڪنداسين،اگر ھن دفعي توھان اسان جو ووٽ چوري ڪيو ته وزير اعلي ھائوس تي 10 لک ماڻهون گڏ ڪري وزير اعلي سميت ڪنهن به ميمبر کي حلف کڻڻ نه ڏينداسين، مان ته انتظار ۾ ھيم ته جيڪي شڪارپور جا ماڻهون پ پ پ خلاف ڳلا ڦاڙي رڙيون ڪندا هئا ته اھي ڪرپٽ آهن، سنڌ جا دشمن آهن شايد اھي زرداري، بلاول، ۽ فريال ٽالپر جي مقابلي ۾ فارم ڀريندا پر اھي ئي ساڳيا ماڻھو پ پ ۾ شامل ٿيا، اسان جو موقف شروع کان وٺي اڄ تائين سنڌ دشمن پارٽي خلاف ھڪ ئي آهي ته انهن کان ھاڻي سنڌ آزاد ڪرائڻي آهي، جي يو آء ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي پوءِ اھا ڪرونا جي صورت ۾ ھجي، يا سيلاب جي صورت ۾ ھجي گھر گھر تائين پهچي سنڌ جي ماروئڙن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ ميدان عمل ۾ ھئا سين،ان موقعي تي صوبائي نائب امير مولانا سيد سراج احمد شاھ امروٽي،مولانا عبدالباري شيخ، علامه ناصر محمود سومرو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، مير شاھزين خان بجاراڻي، آغا سيد محمد ايوب شاھ،ڊاڪٽر غلام عباس عرف پپو خان چاچڙ،مير شفيق احمد کوسو، مولانا عبدﷲ مھ, مولانا محمد طيب ميکو ۽ ٻيا موجود هئا