جرمني جو عورتن ۽ مردن تي ٻڌل 9 رڪني سياحتي وفد قديمي ماڳ موھن جو دڙو پھتو

جرمني جو عورتن ۽ مردن تي ٻڌل 9 رڪني سياحتي وفد قديمي ماڳ موھن جو دڙو پھتو

جرمني جو عورتن ۽ مردن تي ٻڌل 9 رڪني سياحتي وفد قديمي ماڳ موھن جو دڙو پھتو

موهن جو دڙو(معشوق مشوري) جرمني کان 9 ڄڻن تي مشتمل سياحن جو وفد قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پهتو. وفد ۾ زنبنسن ميلاني، سُپريڪا بيانڪا، پاڪستان ڄائي جرمن عورت مرزيا رضا ۽ ٻيا پرڏيهي شامل هئا. ان موقعي تي جرمن سياح موهن جي دڙي جي اسٽوپا گريٽ باٿ گرينري ايڇ آر ايريا ۽ ڊي ڪي ايريا ۾ تهذيبي ۽ تاريخي آثارن جو جائزو ورتو. جرمني سياحن جو هي دورو قديم تهذيب جي ڊرينيج ۽ آرڪيٽيڪچر بابت مشاهدو ڪرڻ هو. ان موقعي تي پرڏيهين جو چوڻ هو تہ هنن جرمني ۾ قديم تهذيب موهن جو دڙو ۽ هڙاپا بابت لٽريچر پڙهيو آهي. ان ڪري هو پاڪستان ۾ انهن ٻنهي ماڳن تي اچي قديم ڊرينيج سسٽم ۽ تهذيبن جي اسٽڪچر جو جائزو وٺڻ پئي چاهيو. هنن چيو تہ لٽريچر پڙهي کين معلومات تہ اڳيئي ملي هئي پر هتي اچي انهن شين جو مشاهدو ڪرڻو هو. جنهن ۾ ڪافي فرق مليو. هنن چيو تہ هتي اچي کين اهو محسوس ٿيو تہ هتان جي قديم ماڻهن بهترين اسٽڪچر ٺاهيا ۽ شهر جو ڊرينيج نظام جوڙيو جيڪو سڌريل ملڪن کان 5 هزار سال پهريون تعمير ٿيو هو. جنهن تي اڄ دنيا فخر ڪري ٿي. هنن چيو تہ کين هنن اوائلي ۽ تاريخي تهذيبن جي متعلق ڳوڙهائي سان مشاهدو ڪري سکڻ گهرجي جئين ايندڙ دور ۾ دنيا اندر ٿيندڙ ترقي جو هڪ معيار جوڙي سگهجي. پرڏيهي سياحن کي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني. وفد ۾ 6 جرمن عورتون ۽ 3 مرد شامل هئا.