جھڪ واسي رانديگرن سان ماتلي ويجھو حادثو، ھڪ رانديگر فوت

جھڪ واسي رانديگرن سان ماتلي ويجھو حادثو، ھڪ رانديگر فوت

جھڪ واسي رانديگرن سان ماتلي ويجھو حادثو، ھڪ رانديگر فوت

ٺٽو(ڊ ر) ٽنڊو غلام علي کان جھرڪ ايندي جھرڪ واسي رانديگرن جي ڪار ماتلي ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي ويئي جنھہ جي نتيجي ۾ جھرڪ واسي رانديگر محمد علي سولنگي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ ساڻس گڏ ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا ھمت خان سولنگي، اصغر سولنگي، پپو عمراڻي سخت زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي مقامي اسپتال پھچائي فوتي محمد علي سولنگي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش جھرڪ گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، صحافين، رانديگرن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي تہ حادثي ۾ فوت ٿيل شخص ۽ زخمي نوجوان رانديگر ڪار ۾ سوار ٿي ٽنڊو غلام علي ۾ منعقد ڪيل والي بال ٽورناميٽ ۾ راند کيڏڻ ويا ھئا، جتان واپس جھرڪ ايندي ماتلي ويجھو حادثي جو شڪار بڻيا.