ٺٽي ۾ اليڪشن جون سرگرميون شروع، اميدوارن پاران فارم وصول ڪرڻ جو عمل تيز

ٺٽي ۾ اليڪشن جون سرگرميون شروع، اميدوارن پاران فارم وصول ڪرڻ جو عمل تيز

ٺٽي ۾ اليڪشن جون سرگرميون شروع، اميدوارن پاران فارم وصول ڪرڻ جو عمل تيز

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٺٽو اليڪشن جو اعلان ٿيندي ئي اميدوارن پنھنجون سرگرميون شروع ڪري فارم وصول ڪرڻ وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ وڏيرو رسول بخش جاکرو پاران ضلعي ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 تي ازاد اميدوار طور نامزگي فارم رٽرنينگ آفيسر کان فارم وصول ڪرڻ سميت مڪلي جي رھواسي اعجاز چانڊيو طرفان پي ايس 75 ٺٽو تان آزاد اميدوار طور فارم وصول ڪرڻ سان گڏ جماعت اسلامي ٺٽو جي نوجوان اڳواڻ عبدالله گندرو پاران جماعت اسلامي جي پليٽ فارم تان پي ايس 75 ٺٽو تڪ تان نامزدگي فارم رٽرنينگ آفيسر ٺٽو کان فارم وصول ڪرڻ سان گڏ ٺٽي جي سماجي اڳواڻ سيد جاويد شاھ حسيني پاران ٺٽي ضلعي جي قومي تڪ اين اي 225 تان نامزدگي فارم رٽرنينگ آفيسر ٺٽو کان وصول ڪرڻ سان گڏ ٺٽي جي صحافت ۾ نامور نالي سان سُڃاتو ويندڙ بلاول سمون متحده قومي موومينٽ جي پليٽ فارم تان پي ايس 75 لاءِ ريٽرننگ آفيسر کان فارم وصول ڪندي سمورن اميدوارن پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آھن، صحافين سان ڳالھائيندي فارم وصول ڪندڙ اميدوارن وڏيرو رسول بخش جاکرو، اعجاز چانڊيو، عبدالله ادم گندرو، سيد جاويد شاھ حسيني چيو تہ اسانجو اليڪشن ۾ بيھڻ جو مقصد عوام کي پنھنجا کسيل حق ڏياري انھن جي مالڪي ڪري کين بنيادي سھولتون مھيا ڪرڻ آھي، ھنن چيو تہ حڪمرانن ھميشہ ھتان جي عوام کي نظرانداز ڪري سندن حق غضب ڪيا آھن، پر اسان انھن کي عوام سان ويساھ گھاتيون ڪرڻ ھرگز نہ ڏينداسين. ھنن چيو تہ عوام ھن واري اسانجو ساٿ ڏي، انشا الله ڪامياب ٿي عوام کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کسيل حق بہ کين ڏياريا ويندا.