ٺٽو: ڊي اي او نظام الدين کڏائي پاران جنگشاھي جي مختلف اسڪولن جا دورا

ٺٽو: ڊي اي او نظام الدين کڏائي پاران جنگشاھي جي مختلف اسڪولن جا دورا

ٺٽو: ڊي اي او نظام الدين کڏائي پاران جنگشاھي جي مختلف اسڪولن جا دورا

ٺٽو (ڊ ر)ڊي اي او پرائمري ٺٽو نظام الدين کڏائي ڊپٽي ڊي اي او پرائمري ممتاز علي ٻجورو پاران جنگشاهي جي مختلف اسڪولن جا دورا غير حاضر استادن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي هڪ استاد ۽ هڪ نائب قاصد کي رليوو فرام سروس ڪري سندن پگهار بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر جو چوڻ هو ته هو ڪنهن به قسم جي سستي ڪاهيلي برداشت نه ڪندو. ٻارن جو مستقبل اسان سان وابسته آهي. اسان پڙهائي جي معاملن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ٻارڙن جو مستقبل تاريڪ ٿي ويندو. استادن کي تنبيهه ڪندي ڊي اي او پرائمري چيو ته هو پنهنجا اسڪولن جا دورا مهيني مهيني جاري رکندو. استادن جي غير حاضر هئڻ تي کين موقعي تي ئي رليوو ڪري پگهارون بند ڪيون وينديون. دِي اي او پرائمري سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.