آئي جي پي سنڌ رفعت مختار راجہ جو ضلع شڪارپور جو دورو

آئي جي پي سنڌ رفعت مختار راجہ جو ضلع شڪارپور جو دورو

آئي جي پي سنڌ رفعت مختار راجہ جو ضلع شڪارپور جو دورو

شڪارپور ( احسان ابڙو )آئي جي پي سنڌ رفعت مختار راجہ جو ضلع شڪارپور جو دورو، ڊي آئي جي لاڙڪاڻہ ناصر آفتاب ۽ ایس ایس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان آئی جي سنڌ رفعت مختار راجہ جو استقبال ڪيو.ایس ایس پي آفيس آمد تي آئي جي پي سنڌ کي پولیس جي چاڪ و چوبند دستي جنرل سلام پیش ڪيو آئي جي پي سنڌ ٻين سینيئر آفيسرن سميت یادگار شہداء تي فاتحہ خواني ڪئي. دوري دوران آئي جي پي سنڌ جي زیر صدارت ایس ایس پي آفيس شڪارپور ۾ اعلیٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آئي جي لاڙڪاڻہ ناصر آفتاب، ڊي آئي جي سکر عبدلحمید کوسو، ایس ایس پي ڪشمور روحل کوسو، ایس ایس پی اسپیشل برانچ لاڙڪاڻہ منصور احمد مغل ۽ اي ایس پي سٽي شڪارپور محمد عثمان خان شرڪت ڪئي. ایس ایس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان آئي جي پي سنڌ ضلع شکارپور جي ڪچي ۽ امن و امان جي حوالي سان بریفنگ ڏني.آءِ جي سنڌ جو چوڻ ھو تھ شڪارپور جي ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ جرائم پیشہ ماڻھن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي آپریشن ۾ پولیس سان گڏ رینجرز بہ حصو وٺندي ان سان گڏ گڏ ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوھن کان محفوظ بڻائڻو آھي. ڪچي ۾ امن امان کي یقیني بڻايو ويندو. ڏوھارين جي خلاف جدید ھٿيارن سان آپریشن ٿيندو. ڏوھارين جي سھولتڪارن ۽ مددگارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڪچي ۽ پڪي مان ڏوھارين جو خاتمو ڪرڻ ۽ عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ سنڌ پولیس جي ترجیحات ۾ شامل آھي. آئي جي سنڌ وڌيڪ چيو تہ ڏوھارين جي خاتمي تائين ڪچي ۾ آپریشن جاري رھندو۔