سنڌ حڪومت جي سڄي مشينري پ پ جي سھولتڪار آھي: محمد حسين محنتي

سنڌ حڪومت جي سڄي مشينري پ پ جي سھولتڪار آھي: محمد حسين محنتي

سنڌ حڪومت جي سڄي مشينري پ پ جي سھولتڪار آھي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چئني صوبن ۾ سياسي گورنرن جي تقرري کي چونڊن جي شفافيت تي سواليه نشان قرار ڏينيدي چيو آھي ته تڪ بندين کان وٺي پولنگ عملي تائين سنڌ حڪومت جي سڄي مشينري پ پ جي سھولتڪار بڻيل آھي. جماعت اسلامي ميدان خالي نه ڇڏيندي ھر تڪ تي اميدوار بيھاريا ويندا،اھڙن خيالن جو اظھار ھن جماعت اسلامي عورت ونگ جي ڪوٺايل ٽن ڏينھن واري تربيتي ورڪشاب کي خطاب ۽ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهين دوران ڪيو .تربيتي اجتماع ۾ سموري سنڌ مان عورت ارڪانن شرڪت ڪئي.جڏھن ته مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر حميرا طارق ، سميحه راحيل قاضي ، سنڌ جي ناظمه رخشندہ منيب ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت واري قانون کي لاڳو ڪرڻ سان ئي عورتن کي پنھنجي حق سميت عوام جا سڀئي مسئلا حل ٿيندا جنھن لاءِ جماعت اسلامي پنھنجي ٺھڻ کان وٺي ئي جاکوڙي رھي آھي . ھن عورت ڪارڪنن تي زور ڀريو ته ھو 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊ مھم ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن .#