نوشھروفيروز ۾ دڪانن مان لکين روپين جي چوري، دڪاندارن جو ڌرڻو

نوشھروفيروز ۾ دڪانن مان لکين روپين جي چوري، دڪاندارن جو ڌرڻو

نوشھروفيروز ۾ دڪانن مان لکين روپين جي چوري، دڪاندارن جو ڌرڻو

نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز وچ شھر ۾ مختلف دوڪانن مان وڏي چوري جي واردات ٿي. جنھن ۾ چور شھر جي مشھور درزي جي دڪان ۽ سونارڪي دوڪان جا تالا ٽوڙي 20 لکن جي چوري ڪري فرار ٿي ويا. چورن درزي خليل سھتو جي دوڪان مان سبيل ۽ اڻ سبيل سوين وڳا جن ۾ بوسڪي جا وڳا ۽ دوڪان ۾ پيل وي سي جي نقد رقم چوري ڪري ويا چوري جي ماليت 15 لکن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. جڏھن ته چور صابر پيرزادي جي سونارڪي دوڪان مان سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا جنھن جي ماليت پنج لکن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي پاسي نوشهروفيروز شھر ۾ بدامني جي وڌندڙ آزار ۽ چورين خلاف دوڪاندارن سخت احتجاج ڪيو. دوڪاندارن شھر جي مکيه الله واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ۽ ٽائر ساڙي بدامني خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خالد عباسي، وزير وڳڻ، رفيق پيرزادو، غلام مصطفي راڄپر ۽ ٻين چيو ته شھر بدامني جي ور چڙهي ويو آھي. دوڪاندار خليل سھتو ۽ صابر پيرزادي جي دوڪان مان لکين روپين جي چوري ڪئي وئي پر پوليس ڪجھ ناھي ڪيو. ھنن چيو ته بدامني سبب شھري ۽ دوڪاندار غير محفوظ بڻجي ويا آھن. ھنن چيو ته چوريون واپس ڪرايون وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.