8فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي صاف شفاف ۽ اڻڌريو بڻايو وڃي: محمد حسين محنتي

8فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي صاف شفاف ۽ اڻڌريو بڻايو وڃي: محمد حسين محنتي

8فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي صاف شفاف ۽ اڻڌريو بڻايو وڃي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 17ڊسمبر2023 جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي ان کي قوم جي ترجماني قرار ڏنو آھي ۽ گهر ڪئي آھي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کي صاف وشفاف ۽ اڻ ڌريو يقيني بڻائي اليڪشن ڪميشن پنھنجي ذميواري پوري ڪري جماعت اسلامي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي عوام حرام خور ۽ نااھل ٽولي بدران قابل ۽ ديانتدار اميدوارن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪري ته جيئن سنڌ ترقي ۽ عوام جا ڏک درد به ختم ٿي وڃن.اھڙن خيالن جو اظھارھن سولنگي ھائوس قاسم آباد ۾ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو . ان موقعي تي عقيل احمد خان قومي اسمبلي جو نامزد اميدوار سردار زبير سولنگي مقامي امير محرم علي سولنگي پڻ موجود ھو.محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته عوام چونڊن ۾ کري ۽ کوٽن ۾ فرق ڪونه ڪيو ته وري پنج سال مھانگائي بيروزگاري سميت مسئلن لاءِ روئڻو پوندو انڪري عام چونڊن جو ڏھاڙو عوام جي لاءِ امتحان جو ڏينھن آھي.اهي سوچي سمجهي پنهنجي ضميرموجب ووٽ جوحق استعمال ڪن.