مسلمان ملڪ اسرائيل جو سفارتي ۽ تجارتي بائيڪاٽ ڪن: محمد حسين محنتي

مسلمان ملڪ اسرائيل جو سفارتي ۽ تجارتي بائيڪاٽ ڪن: محمد حسين محنتي

مسلمان ملڪ اسرائيل جو سفارتي ۽ تجارتي بائيڪاٽ ڪن: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي سلامتي ڪونسل ۾ انساني بنيادن تي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ پيش ڪيل قرارداد کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي اهڙي عمل کي انسانيت دشمني ۽ مغرب جو ٻٽو معيار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته مسلمان ملڪ اسرائيل جو سفارتي ۽ تجارتي بائيڪاٽ ڪن، مهانگائي سميت مڙني مسئلن کان نجات جو واحد حل ديانتدار قيادت آهي، پ پ سنڌ مٿان لاڳيتو15 سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ باوجود سنڌ ۾ ڦُرلُٽ ۽ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڊليور ناهي ڪيو، سنڌ ۾ ڪرپشن ناسور بڻجي چڪو ۽ زندگي جي هر شعبي کي برباد ڪري ڇڏيوآهي، اڄ سنڌ جا شهر کنڊر بڻيل ۽ عوام بُک بدحالي ۽ غربت جو شڪار آهي، ڪراچي سميت سموري سنڌ بدامني جي وَرچڙهيل آهي، جماعت اسلامي الله جي زمين تي الله جو نظام چاهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نواب شاه ۾ جماعت اسلامي جي ضلعي ذميدارن جي اجلاس کي خطاب ۽ مدرسه تعليم القرآن جي تعميراتيڪم جو دورو ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته صهيوني رياست غزه ۾ ظلم ۽ درندگي جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ٻن مهينن جي ويڙهه دوران 18هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 7112 ٻار به شامل آهن جڏهن ته 46 هزار ماڻهو زخمي ۽7600 لاپته، 194 مسجدون شهيد ۽ 03 چرچن سميت ڪيترائي اسڪول، اسپتالون به تباه ٿي ويون آهن. حماس جي مجاهدين ۽ فلسطيني عوام ايمان ۽ جهاد جي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي. صوبائي امير ٻانڌي ۾ به مقامي ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي هن اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن، ايندڙ چونڊون هڪ وڏو معرڪو آهي فتح يا شڪست الله جي هٿ ۾آهي اسان کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي، حق تي هلڻ وارن جي تعداد تمام گهٽ هوندي آهي، پر آخرڪار باطل کي شڪست ۽ حق کي فتح نيصب ٿئي ٿي. ان موقعي تي ضلعي امير سُرور احمد قريشي، مقامي امير عبدالباسط صوبائي امير کي سياسي ۽ انتخابي توڙي تنظيمي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته مقامي اڳواڻ طارق جاويد انجم، سردار احمد، پروفيسر اعجاز عالم، ظفر اقبال، خيرالدين قريشي ۽ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا پڻ موجود هئا.#