انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت

وفا سانوڻ نوحاڻي، ڪڙيو گهنور

انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت

تازو بلوچستان ۾ ھڪ ظالمن جي ھٿان ڪيل ظلم بربريت وحشيت دھشت جو هڪ نئون داستان منظر عام تي آيو آهي جنهن۾ نام نهاد ڪوڙي غيرت جي آڙ ۾ ٻن انسانن سان گڏ سموري انسانذات جو ڇڻ وحشي بگھڙن جي ھتان قتل عام ڪيو ويو آهي بلوچستان جي ڪوئيٽا ويجهو ڍيگاري جي جابلو علائقي۾  بانو بي بي ساتڪزئي ۽ احسان سمالاڻي سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه۾ ھڪ قاتل سفاڪ دھشتگرد جي سربراهي۾جرڳو ڪوٺائي فيصلو ڪري باقاعده ھڪ منصوبو جوڙي ھڪ بي گناھ جوڙي کي ڪيترن دھشتگردن جي ھجوم منجھ سري عام گولين جو بک بڻائي قتل ڪري ويڊيو ٺاھي دفن ڪيو ويو جنهن طرح سان ھي ظلم بربريت وحشيت دھشت گردي جو مظاهرو ڪيو ويو آھي انھيءَ واقعي کان ويندي اڄ تائين جيڪا بلوچستان۾ خاموش آهي انھيءَ مان لڳي ٿو ته سڀني جا شايد ضمير مري ويا آهن اھئي ته انھيءَ مظلوم شھيد نياڻي کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ آواز اٿارڻ جي بجاءِ سندس ناحق ڪيل خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته اسان جنهن ملڪ۾رھون ٿا انھي۾ بلڪل آئين آهي عدالتي نظام آهي ھڪ ذميوار ائٽمي رياست آهي گڏوگڏ اسلامي ملڪ به آهي  ھن ملڪ جي حڪومتن۽ رياست جون به ڪي ذميواريون ھونديون آھن پر ھن ملڪ۾ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ڪجهه ڌريون يا فرد وقت به وقت رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندا رھندا آھن ته پوءِ ڪڏهن قوميت جي بنياد تي نه ڪڏهن اسلام جي بنياد تي ته ڪڏهن وري  نام نهاد سرداري نظام جي ذريعي وار ڪندا آهن جئين تازو ھنن وحشين پنهنجي عدالت لڳائي پاڻ فيصلو ڪري ھي معصوم مظلوم انسانيت جو دردناڪ قتل عام ڪيو آهي  ھنن وحشين جي ايتري ته طاقت آهي جو ھن ڪيس بابت سرڪار رياست سان ڪير تعاون ڪرڻ جي لاء تيار ناهي سڀ علائقي واسي مقتولن جا وارث خاموش آهن يقينن انھن کي خوف ھوندو ته سردار جي خلاف بيان ڏنو شاھديون ڏنيون ته ھوء طاقتور ڪردار انھن سان به اھو ئي حشر ڪندا جيڪو جوڙي کي قتل ڪري ڪيو ويو  ھوء انھيءَ ڪري به خاموش ھوندا ته رياست سندن تحفظ نه ڪري سگھندي جيڪڏهن انهن کي يقين ھجي ته رياست سندن تحفظ ڪندي ته سڀ جو سڀ سردارن جا غلام به ڪونه ھوندا پڙھيل لکيل به ھوندا حقيقي غيرت مند به ھوندا جيڪي ظلمن وحشتن کان تنگ ٿي ويا ھوندا محبتن پيار پريت امن پسند ڀائيچاري جو پيغام ڏيندڙ به ھوندا تنگ نظرييء جا مخالف به ھوندا  ھي جيڪو ھن جن کي ڪارا سردار ڪارنھن جو ڪوڙو داڳ ڏئي قتل ڪري ٿا ڇڏين انھن کي پيار پريت جي ڪھڙي خبر  ھي وحشي سوچون رکندڙ معصوم دليون جا دشمن قربن جا قھريء قاتل سفاڪ سردار جڏهن پنهنجي نياڻين کي اسلام جي مطابق حق نٿا ڏين جڏهن آئين پاڪستان مطابق حق نٿا ڏين جڏهن انھن معصوم نياڻين جا ديني اسلامي آئيني جھموري حق کسيا پيا وڃن ته پوءِ جيڪڏھن اھئي ڪا غلطي ڪن ٿيون ته پوءِ حق غضب ڪندڙ غاضبن کي انھن کي سزا ڏيڻ جو ڪوبه حق ناهي  باقي نام نهاد غيرت جو ڍونگ رچائي ويٺل سردارن جي خلاف رياستي آپريشن جي ضرورت آھي انھيءَ سردارن رياستي رٽ کي چيلينج ڪري پنهنجي ڪوڙي رياست جوڙي آهي انهن کي لغام ڏيڻ رياست جي۽ وقت جي اھم ضرورت آهي ھي جيڪي ويڊيوز ۾ وڏا وڏا پٽڪو پائي ويگو گاڏين۾ گڏجي ھڪ قرآن پاڪ ھٿ۾ کنيل نياڻي کان پاڪ ڪتاب کسي کيس گوليون هڻي رهيا آهن وڏيون رڙيون ڪري رهيا آهن ھي بزدل ڀاڙيا سردارن جا دلال ھڪ نياڻي کان خوفزده آهن انھيءَ جي آھن دانھن کان ڊنل ھي بزدل وڏن شھپرن وارن  ڀاڙين کي جڏهن نياڻي چوي ٿي ته خبردار توهان منهنجي جسم کي ھٿ نه نه لڳائجو صرف گولي ھڻي مارڻ جي اجازت اٿئو،
ته يقينن سان چئي سگهجي ٿو ته ھنن بي غيرت وحشي دھشتگردن کان ھيء مظلوم نياڻي ھزارين ڀيرا وڌيڪ غيرت مند بھادر بيباڪ آهي ڪنھن شاعر چيو آهي ته مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙھي تلوارن سان
تنھنجا ڀاڙي ٿا برج لڏن 
تون ھيڻو آ ھٿيارن سان 
ھن مظلوم نياڻي جي قاتلن جا چھرن ۾ دغا نمڪ حرامي بزدلي ڏسي سگهجي ٿي ھي ڪرائي جا وحشي قاتل سرداري نظام جي آڙ۾ انسانيت جو قتل عام ڪري رهيا آهن  جيڪي ھن قتل کي غيرت ڄاڻائي رھيا آھن غيرت جو مسئلو چئي خاموش تماشائي بڻيل آهن انھن کان به سادو سؤال آهي ته اگر  بانو بي بي ساتڪزئي۽ احسان سمالاڻي جي ملڻ تي بلوچن جي روايت جي خلاف آهي غيرت تي وار آهي ته پوءِ جيڪي بلوچ عورتون ماھ رنگ بلوچ سميت جيڪي رياست جي خلاف مھم ھلائي رھيون آھن ھزارين غير مردن سان گڏ ته پوءِ اتي ھي نام نهاد غيرت ڇو خاموش آهي اھئي بلوچ عورتون يورپي ملڪن جا دورا ڪري رهيون آهن وفدن سان گڏجي اتي ڪوڙي غيرت به خاموش آهن غيرت مند سردار به خاموش بلوچ غيرت مند روايتون به خاموش تماشائي بڻيل آهن آخر ڪار ڇو. ھي مخصوص نام نهاد غيرت اچي مظلوم نياڻين جي خون جي پياسي بڻي آهي 
باقي بلوچ عورتون ڀلي يورپ جا دورا ڪن فنڊنگ ڪن ملڪ دشمن قوتن جي ھٿن ۾ کيڏي ملڪ جي ادارن رياست تي حملا ڪن ته اتي غيرت گمنام بڻجو وڃي ھي ڪھڙي وحشي دھشتگردن جي وحشي غيرت آهي جيڪا صرف مظلوم نياڻين تي اچي ٿي سردارن جي ذاتي مفادن واري غيرت تي نالعنت ٿا وجھون  جڏهن ته ھن مظلوم جوڙي جو قتل شوشل ميڊيا ڏيھي توڙي پرڏيھي ميڊيا جي زينت بڻجي ويو آهي ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ نوٽس وٺي وزير اعلي بلوچستان کي سخت ھدايتون جاري ڪيون آهن ته ھر ھڪ جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن بلوچستان ھاء ڪورٽ به نوٽيس ورتو آهي وزيراعظم جي به نوٽيس۾ معاملو آهي پر ضرورت انھيءَ ڳالھ جي آھي ته ھي ته واقعو شوشل ميڊيا تي آيو پر ٿي سگهي ٿو ته انھيءَ کان به وڌيڪ خوفناڪ واقعا ٿيندا ھجن جيڪي ظاهر ئي نه ٿيا ھجن ۽ آئنده به ٿيندا رھندا پر اھڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ سخت قانون مطابق ڪارروائي ڪرڻي پوندي پاڪستان۾ صرف آئيني قانوني نظام جي رٽ قائم دائم رکڻي پوندي سرداري نظام جيڪو فرسوده ظالم وحشي نظام آهي انھيءَ جو خاتمو ڪرڻو پوندو جيڪي سردار آئيني قانوني نظام جي خلاف ورزي ڪن ٿا انھن کي آئيني قانوني لغام ڏئي مظلوم انسانيت کي سندن ظلم بربريت وحشيت دھشت گردي کان بچائڻو پوندو جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ بانو بي بي احسان سمالاڻي جھڙا قيامت برپا ڪندڙ واقعا ٿيندا رهندا جن سان زمين لرزي وڃي ٿي آھون آسمانن جا به جگر ڏاري وجھن ٿا جئين بلوچستان۾ٿيل قيامت خيز واقعي تي انسانيت ته ڇا پر ھر دل دکي آهي ڏکي آهي رت رني آهي ھر ھانوء ڏريو آهي ۽ اسان چند ڏينهن کان پوءِ اھيو ظلم بربريت وساري وري ڪنهن ٻئي وحشيت جو انتظار ڪندا رھندا سين آئون پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وزير اعظم پاڪستان فيلڊ مارشل آرمي چيف  وزير داخله وزير اعلي  کان مطالبو ٿا ڪريون ته بلوچستان سميت پوري ملڪ۾ رياست جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي سرداري نظام جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ھن قتل عام۾ ملوث سمورن وحشي دھشتگردن کي سزائون ڏياريون وڃن ملڪ۾ آئين قانون جي حڪمراني قائم ڪري آئين قانون جي بالادستي قائم دائم رکي وڃي ملڪ آئين دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي