English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو فارم ھائوس مالڪن خلاف احتجاج
views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۾ مختلف ڳوٺن جي رھواسين جو فارم ھائوس مالڪن خلاف احتجاج
گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي ناردرن بائي پاس گڏاپ ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ فارم هائوس ۾ ايندڙ ماڻھوشراب جي نشي ۾ ڌت ٿي رات جو هوائي فائرنگ ڪري وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ تي گانا ھلائڻ لڳا. فائرنگ سبب آس پاس جي رهواسين ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. شڪايتن باوجود گڏاپ پوليس فارم هائوس مالڪن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. يو سي 8 شاھ مريد گڏاپ ٽائون جي مختلف ڳوٺن علي محمد گبول. يوسف رند ڳوٺ. حاجي رمضان واڍيلو ڳوٺ. دريا خان سهتاڻي ڳوٺ. حاجي عرس سهتاني ڳوٺ. حاجي فيض محمد سهتاني ڳوٺ. بابو پاتاڻي ڳوٺ جي رھواسين محمد اصغر پتاڻي. حاجي بشير سهتاڻي. نواز علي مري. اقبال خاصخيلي. ياسين مري. حاجي منشي. راهب گبول. رشيد سهتاني. رجب گبول. اسلم گبول ۽ ٻين ويسٽ پريس ڪلب پهچي فارم هائوس مالڪن ۽ گڏاپ ٽائون پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فارم هائوس ۾ ايندڙ شهرين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي رات جو سڪون سان ننڊ به نٿا ڪري سگھون. رات جو روزاني اسان جي گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪئي پئي وڃي. پوري رات وڏي آواز ۾ گانا وڄايا وڃن ٿا، جن جي ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا سڪون سان لکي ۽ پڙھي به نٿا سگھن. هنن چيو ته اسان جي علائقن ۾ قائم ٿيل وائيٽ ولا فارم هائوس. رجهاني فارم هائوس. سر سپاٽا فارم هائوس. موج مستي فارم هائوس. ھلا گلا فارم هائوس. سن رائز فارم هائوس جي مالڪن کي به شڪايتون ڪيون آهن پر هو ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن چيو ته اسان گڏاپ ٽائون ٿاڻي ۾ اهڙن فارم ھائوسن ۾ ايندڙ ماڻهن پاران فائرنگ ۽ ايڪو سائونڊ جون شڪايتون پڻ گڏاپ ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرايون آهن پر پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن آءِ جي سنڌ. ايس ايس پي ملير. ڊي ايس پي گڏاپ ٽائون کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي فارم هائوس مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان کي سڪون سان زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ اسين مجبورن نادرن باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
ڪراچي ناردرن بائي
گڏاپ ٽائون ٿاڻي جي حد
0 تبصرے