نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو

پروگرام سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي صدارت ۾ ٿيو

نوشهرو فيروز ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران ايم ظفر تڳر جي مان ۾ آجياڻو

نوشهرو فيروز(ڊر)سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهرو فيروز پاران، سنگت جي ضلع رابطا سيڪريٽري ايم ظفر تڳر جي ٻن سالن واري بهترين ڪارڪردگيءَ تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پروگرام سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ 15 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي اميدوار احمد سولنگي ۽ اياز ابڙو مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ دوست اتحاد پئنل جي اميدوارن ستار هُليو، مرتضي' ڦل، آڊيٽر جي سيٽ تي بيٺل آزاد اميدوار شاھد موسو، بنا مقابلي چونڊيل ضلع رابطا سيڪريٽري مختيار شاھ مختيار، سميت آيل سمورن مهمانن جي شاخ نوشهرو فيروز جي سيڪريٽري امجد ميمڻ، ساگر يوسف منگي آجيان ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته سنڌي ادبي سنگت اسان جي ماءُ آهي، جنهن جي پليٽفارم تان اسان هميشه ڌرتي سان وفا جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ظفر تڳر جي پٽڪي واري سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي، سنگت شاخ نوشهرو فيروز کيس مانُ ڏيئي پاڻ ملهايو آهي. احمد سولنگي چيو ته منهنجو جنم هن ساهتي جي مٽيءَ مان آهي، جنهن ڪري اول ۽ آخر اسان لاءِ سنڌ آهي. ظفر تڳر ثقافت ۽ ڌرتي سان هميشه وفا ڪئي آهي. احمد سولنگي پنهنجي پئنل جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ايم ظفر تڳر چيو ته مان سنگت جو ٿورائتو آهيان جن مون کي مانُ بخشيو آهي. ان موقعي تي خالد راڄپر، خالد ساحل ڪيريو، صوفي عزيز ثابقي، سبحان سوز جتوئي، غلام مصطفي' کوسو، جبار ملاح، محبتي ملاح، نور محمد ناز، غفار عباسي، شاهد راڄپر، رامچند اوڏ، امين چانڊيو، ميرحسن مهر، مجيد ڪيريو، حبدار مشوري، عبيدالله تڳر، بالا بلوچ، سميت پوري سنڌ مان آيل مهمانن ۽ ضلعي نوشهرو فيروز جي 12 شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن شرڪت ڪئي. بالا بلوچ، سگهڙ سوڀارو ڀٽي ۽ صوفي عزيز ثابقي ترنم ۾ شاعري ڳائي محفل مچائي ڇڏي.