ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي مان ۾ آجياڻو

ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي مان ۾ آجياڻو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ جي مان ۾ بلاول شاهه نوراني سچل ڳوٺ جي رھواسين محمد اسحاق عرف فوجي کوسو. عبدالفتاح تنيو. ڪاشف مگسي ۽ ٻين جي ميزباني ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ڪارنر گڏجاڻي ۾ محرم راجپر. سيد سليم شاھ. سرفراز شيخ. آغا زوھيب پٺاڻ. محمد اياز سولنگي سميت وڏي انگ ۾ علائقي جي عوام شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ چيو ته ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ چيوته بلاول شاهه نوراني جي مختلف برادرين جي ماڻهن کي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ تي ڀليڪار ڪيون ٿا. جن پارٽي تي اعتماد ڪري اسان سان گڏ ھلڻ جو اعلان ڪيو آهي. ھن چيو ته پ پ پ سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي، پ پ پ اها پارٽي آهي، جنهن جي ڪري مخالفن جون ننڊون حرام ٿين ٿيون. پوري ملڪ جو عوام پ پ پ سان سچي محبت ڪري ٿو، هن چيو ته شهيد راڻي جمهوريت خاطر پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو، شهيد راڻي اڄ به غريب ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. اقتدار ۾ اچڻ شرط تعليم تي وڌ ۾ وڌ توجهه ڏيندس، پي ايس 98 ۾ صحت تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ھن تڪ ۾ سدائين مخالف ڌر پارٽين جا ايم پي اي چونڊجي آيا جن ھميشه سنڌي آبادين کي نظر انداز ڪيو آھي. ھن چيو ته ھن تڪ تي مونکي پارٽي ٽڪيٽ ڏي يان نه پر آء ھن تڪ جي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس. اسان جي اچڻ سان مختلف برادرين جا ماڻهو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رھيون آھن. اڄ به ھن ڪارنر گڏجاڻي ۾ مختلف برادرين جي 30 کان وڌيڪ ماڻھن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي. پيپلزپارٽي ڪراچي ۾ تمام گهڻي مظبوط ٿي رھي آھي. جھڙي طرح ڪراچي جي عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جو ميئر چونڊيو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ فتح پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن جي ٿيندي. ڪارنر گڏجاڻي ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ۽ اڳوڻي ايم پي اي منور وساڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيندڙ مختلف برادرين جي ماڻهن کي پارٽي پرچم اجرڪن پارائي کين ڀليڪار ڪيو