سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي باني ۽ نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي وڇوڙي کي 25ورھيھ وھامي ويا

سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي باني ۽ نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي وڇوڙي کي 25ورھيھ وھامي ويا

سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي باني ۽ نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي وڇوڙي کي 25ورھيھ وھامي ويا

موهن جو دڙو(رپورٽر) سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم جي باني ۽ نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جي 25 ورسي سندس مزار تي موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب جي پهرين نشست جي صدارت شاعر ليکڪ وفا صالح راڄپر ڪئي. ٻي نشست جي صدارت اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي ڪئي. ورسي جي شروعات مرحوم جي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي وئي. ان موقعي تي سڄي سنڌ کان آيل سگهڙن ليکن ۽ اديبن استاد ملوڪ عباسي جي شخصيت تي مقالا ۽ لوڪ شاعري پڙهي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن سگھڙ روشن ڪوري جي ڪتاب(رنڱ روشن جا)سگهڙ غلام مڱريو جي ڪتاب (گل غلام جا)جي مهورت ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي شاعر وفا صالح راڄپر ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي ممتاز عباسي چيو ته محمد ملوڪ عباسي اڄ به ملوڪ آهي جنهن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ روشني ڦهليل آهي. هنن چيو ته ملوڪ عباسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو رهواسي هجڻ باوجود کيس قدرتي ڏات ملي جنهن سڄي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ماڻي. اهڙن ڪردارن جي سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل ادارا قدر نٿا ڪن هن چيو ته ملوڪ عباسي سنڌ جي سونهن ۽ شان هيو پر اسان کي فخر آهي ته ان جو پڳدار پٽ ممتاز علي عباسي والد جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪندو پيو اچي. ان موقعي ڪاظم حسين عباسي دودو ديشي سگهڙ علم الدين مڱڻھار جيعند لنجواڻي منظور سوهو لعل ڏنو شر علي حيدر عباسي لياقت ڪلهوڙو انور علي ٻگهيو غلقم مصطفيٰ جهتيال ۽ ٻيا موجود هئا،آخر ۾ صوفي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي گذري جي رام جوڳي عابد لاشاري محمد حسن جتوئي صوفي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪيو ۽ آخر ۾ سردار معظم خان عباسي پاران سگهڙ منظور سوهو جيعند لنجواڻي محمد صالح عباسي لياقت ڪلهوڙو ۽ ٻين کي ساليانو استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2023 پڻ ڏنا ويا.