معصوم ٻارڙن کي پوليو جھڙي موذي مرض کان بچائڻ ھر فرد جي ذميواري آھي: محمد ارسلان سليم

معصوم ٻارڙن کي پوليو جھڙي موذي مرض کان بچائڻ ھر فرد جي ذميواري آھي: محمد ارسلان سليم

معصوم ٻارڙن کي پوليو جھڙي موذي مرض کان بچائڻ ھر فرد جي ذميواري آھي: محمد ارسلان سليم

نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ 27 نومبر کان شروع ٿيندڙ پوليو خلاف مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي پي اي او ڊاڪٽر غلام علي سولنگي، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر لبنا علي، صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، تعليم، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار پڻ موجود هئا.
هن پنهنجي خطاب ۾ چيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته پوليو کان بچاءُ قومي فرض آهي، ان ڪري اسان سڀني کي هن خطرناڪ موذي مرض خلاف ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي غفلت جي صورت ۾ لاڳاپيل تعلقي سپروائيزر ۽ يوسي ميڊيڪل آفيسر ذميوار هوندا.
جڏهن ته گذريل رائونڊ وانگر هن رائونڊ ۾ به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ٽيمن کي ايوارڊ ۽ انعام ڏنا ويندا. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ضلعي هيلٿ آفيسر ٻڌايو ته 27 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين پوليو خلاف مهم هلائي ويندي.
ان مهم دوران ضلعي ۾ 3 لک 36 هزار 165 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ 874 موبائل ٽيمن، 73 فڪس سائيٽس، 41 ٽرانزٽ پوائنٽس سميت ڪل 988 ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي ضلعي جي پنجن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارينديون. ان مهم لاءِ ضروري انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.