شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 6 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 6 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس جون ڪارروائيون، 6 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران جاري ڪيل حڪمن تي شڪارپور پوليس جون مختلف هنڌن تي ڏوهن خلاف ڪامياب ڪارروائيون. شڪارپور پوليس جو ڏوهاري عنصرن، منشيات، اشتهاري ۽ روپوش جوابدارن خلاف ڪارروائيون. ڪارروائين ۾ قتل جي ڪيس ۾ گهربل سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري 3 موٽرسائيڪلون، ٽي ٽي پستول ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايس پي شڪارپور جي حڪم تي ڊي ايس پي سٽي يار محمد رند جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايڇ او اسٽورٽ گنج ذوالفقار علي چنو ۽ ايس ايڇ او لکي در نعيم اختر ڀٽو ڪارروايون ڪري موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گروپ جي 04 جوابدارن شمن ولد علي خان جتوئي، اڪبر پٽ هزار خان بکراڻي، ديدار ولد دلدار ۽ فراز پٽ عبدالعزيز کي ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 02 موٽرسائيڪلون، ٻيو سامان ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا، ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ۾ تاج سي اين جي پمپ ويجهو ڳجهي اطلاع تي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار جي موجودگي جي اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شهزادو ولد لقمان معرفاڻي ولد جاگڻ حال وزيرآباد جي رهواسي طور ٿي آهي. گرفتار جوابدار خلاف قلم 302، 311، 34 تحت ٿاڻي همايون ٿاڻي تي ڪيس 4/2020 داخل ڪيو ويو. گرفتار جوابدار غيرت جي نالي تي پنهنجي ڀاڄائي حُضوران معرفاني کي قتل ڪيو هو. جهان واھ ٿاڻي جي پوليس بروقت ڪامياب ڪارروائي ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. جوابدار عرفان علي ڪاڪيپوٽو وٽان موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او جهان واهه عبدالرشيد بليدي پنهنجي اسٽاف سميت ناڪابندي ڪئي. ڏوهاري جهان واھ واري علائقي ۾ پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جهان واھ پوليس ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ڏوهاري پنھنجو گهيرو تنگ محسوس ڪرڻ تي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ڇڏي ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪيو ويو آهي، علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن