تانيا خاصخيلي جي قاتل کي عمر قيد جي سزا، سندس ڀيڻ جوابدار کي ڦاھي نھ ملڻ تي روئي ويٺي

تانيا خاصخيلي جي قاتل کي عمر قيد جي سزا، سندس ڀيڻ جوابدار کي ڦاھي نھ ملڻ تي روئي ويٺي

تانيا خاصخيلي جي قاتل کي عمر قيد جي سزا، سندس ڀيڻ جوابدار کي ڦاھي نھ ملڻ تي روئي ويٺي

سيوھڻ: عدالت ڇھ سال اڳ جهانگارا ۾ قتل ٿيل نوجوان ناري تانيا خاصخيلي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت مک جوابدار خان محمد عرف خانو نوحاڻي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد (25 سال) ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
عدالت ھٿيار ۽ پوليس سان مقابلي جي ٻئي ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار خانو نوحاڻي کي 10 سال قيد ۽ 50 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي,
عدالت قتل ڪيس جي ھڪ ٻئي جوابدار عالي نوحاڻي کي بيڏوھي ثابت ٿيڻ تي کيس بري ڪري ڇڏيو ۽ ان سان گڏ مٿس 50 ھزار ڏنڊ وڌو ويو جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار 6 مھينا قيد ڪاٽيندو,
عدالت ڪيس جي ٽئين جوابدار مولا بخش نوحاڻي کي روپوش ھجڻ جي ڪري کيس اشتھاري قرار ڏنو ۽ سندس فائيل بند ڪري ڇڏيو, گرفتاري بعد مٿس ٻيھر ڪيس ھلايو ويندو, عدالت جو فيصلو,
مک جوابدار خانو نوحاڻي عمر قيد جي سزا اچڻ جو فيصلو ٻڌي مقتولا تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي روئي ويٺي,
مقتولا تانيھ جي ڀيڻ دعا خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ قتل ڪيس جي فيصلي ۾ پورو انصاف نه مليو آهي فيصلي خلاف ھاء ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنديس
جوابدار کي ڦاسي جي سزا اچڻ گھرجي ھا ته جيئن ٻين نياڻين لاء مثال ثابت ٿئي ھا ۽ ٻيھر اھڙا ڏوھ رڪجي سگهن ۽ خانو نوحاڻي جھڙا ڏوھاري پيدا ٿي نه سگهن
سيوهڻ لڳ جهانگارا ۾ تانيا خاصخيلي کي 6 سال اڳ سيپٽمبر 2017 ۾ سندس امڙ، ڀيڻن ۽ ڀائرن سامهون جوابدارا خانو نوحاڻيء ٽن ساٿين سان گڏجي قتل ڪيو هيو.
شاديء کان انڪار تي خانو نوحاڻي تانيا جي گهر ۾ گهڙي کيس ڇاتيء ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو.
تانيا کي انصاف ڏيارڻ لاء سندس بهادر امڙ خورشيد پنجن سالن تائين ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندي رهي.
عدالتن مان انصاف جي اوسيئڙيء ۾ ڪورٽن جا پنڌ ڪندي تانيا جي امڙ وفات ڪئي ته تانيا جي قتل ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاء سندس ڀيڻ دعا خاصخيلي پاسبان تنظيم جي سھڪار سان سامھون اچي وئي.