English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ آجياڻو
149 views
|
19th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ آجياڻو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ اي ايس آء مبارڪ جيهو پاران وارڊ 10 لطيف شاھ محلي ايم بلال ٽائون ۾ چانهن پارٽي ۽ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ سردار ذوالفقار خان جيهو سندس ڀائرن مير عرفان خان جيهو اينٽي ڪرپشن شڪارپور جي سب انسپيڪٽر اورنگزيب خان جيهو فرزند سردار زاده حيدر علي خان جيهو پاران مهمان خاص طور شريڪ ٿيا جتي جيها برادري سٽي شڪارپور جي معززين چڱن مڙسن گلشن جيهو ،راشد علي جيهو گسٽا اڳواڻ محمد بچل جيهو ابڙو ايڊوڪيٽ فقير حسين جيهو يوسي رڪ جي چيئرمين بشير احمد جيهو ،محمد نواز جيهو احسان علي جيهو مسري جيهو ، مستري محمد بخش جيهو ، صدرالدين جيهو طارق حسين ابڙو مقبول احمد جيهو سيت برادري جي ماڻھن پاران شرڪت ڪئي وئي جڏهن ته جيها برادري لطيف شاه محلا جي پاڙيسري انڙ برادري جي معزز شخصيت نصرالله انڙ پاران خصوصي دعوت تي پڻ شريڪ ٿيو محفل جي ميزبان مبارڪ جيهو پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ گلن جا هار پارايا مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ويو انهي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سردار ذوالفقار خان جيهو چيو ته جيها قبيلو هڪ پرامن قبيلو آھي جيڪو لاڙڪاڻو ريجن ۾ اڪثريت سان رهي ٿو اسانجي سرداري کان اڳ برادري جي ماڻھن تي چند اڻپڙهيلن جو راڄ رهيو جن جيها برادري جي نوجوانن کي پنهنجي مقصدن ۾ استعمال ڪيو ۽ ڏوهي دنيا طرف ڌڪيو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو برادري کان ووٽ ته ورتا ويا پر انهن جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا اوهان کي اڪثر روڊ اکڙيل ۽ اسڪول ويران نظر ايندا تعليم کان کين پري رکيو ويو برادري جهيڙن ۾ الجهايو ويو هن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته جيها برادري طرفان مون مٿان سرداري پڳ جي گذريل ڏهن سالن جي پيرڊ ۾ ڪجھ ڳوٺن ۾ ڊولپمينٽ جا ڪم اوهان کي نظر ايندا برادري جيهڙن جو خاطمو آڻي چڪا آھيون سئو جي لڳ ڀڳ برادري جي ماڻھن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا آھن ڪجه نوڪريون ڏنيون ويون آھن ۽ انشاءالله اليڪشني اتحادين سان گڏجي برادري جا تمام بنيادي مسئلا حل ڪرايا ويندا هن جو چوڻ هيو ته مڙس ماڻھون ايهو ناهين جيڪو هٿيار کڻي روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪري پر مڙس ماڻھون اهو آھي جيڪو ڏنڊو کڻي پنهنجي زمينن تي ويٺو هجي ۽ اوڙي پاڙي جو خيرخواھ محافظ بڻجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
جيها برادري
Shikarpur
jeeha
Zulifqar
0 تبصرے