خانه فرهنگ ايران ڪراچي ۾ فلسطيني مجاهدن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش

خانه فرهنگ ايران ڪراچي ۾ فلسطيني مجاهدن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش

خانه فرهنگ ايران ڪراچي ۾ فلسطيني مجاهدن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خانه فرهنگ ايران ڪراچي ۾ فلسطيني مجاهدن ۽ شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار شعري نشست منعقد ڪئي وئي .جنهن ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، سمورن شاعرن فلسطين جي مظلوم عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پنھنجو تخليقي آواز اٿاريو. غاصب اسرائيلي حڪومت ۽ ان جي ساٿي مغربي ملڪن ۽ ڪجهه اسلامي ملڪن جي انهن ظلمن تي خاموشي اختيار ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي.خانه فرهنگ ايران ڪراچي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد طالبي نيا، پنهنجي خطاب ۾ مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن خلاف پاڪستان ۾ ٿيندڙ احتجاج جي عوامي آواز کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته حماس جي الاقصي آپريشن قدس جي تحريڪ جي آزادي ۾ نئين روح ڦوڪي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن ۽ آزادي پسند ماڻهن کي فلسطين جي حق ۾ متحد ڪري ڇڏيو. هن سيشن جي اهم شاعرن ۾ شاداب احساني، سليم فوز، ڪشور عديل جعفري، ارتضي جونپوري، عثمان جامي، ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا، ڊاڪٽر جاويد منظر، معصومه شيرازي ۽ ضياءَ زيدي شامل هئا.