حيدرآباد واسي ھڪ ٻيو ٽيڪسي ڊرائيور ڪراچي ۾ ڦر دوران قتل

حيدرآباد واسي ھڪ ٻيو ٽيڪسي ڊرائيور ڪراچي ۾ ڦر دوران قتل

حيدرآباد واسي ھڪ ٻيو ٽيڪسي ڊرائيور ڪراچي ۾ ڦر دوران قتل

حيدرآباد واسي ھڪ ٻيو ٽيڪسي ڊرائيور ڪراچي ۾ ڦر دوران قتل، مقتول جي والد رياض احمد انصاري جو چوڻ آھي تھ لطيف آباد يونٽ نمبر 11 سان تعلق رکندڙ 27 سالن جو شاھزيب انصاري 9 نومبر تي ڪراچي سواري کڻي روانو ٿيو ھو
پٽ ڪورنگي لاءِ سواري کڻي ويو ۽ واپس ايندي رابطو ڪري ٻڌايو ته گلزار ھجري مان حيدرآباد لاءِ کيس ھڪ سواري ملي آھي
جنھن بعد پٽ جو نمبر بند ٿي ويو ۽ ڪار ۾ لڳل ٽريڪر جي لوڪيشن چيڪ ڪئي ته گاڏي کين سفوران ڳوٺ وٽ نظر آئي
ڪمپني سان رابطو ڪري ٽريڪر ذريعي ڪار بند ڪرائي ڇڏي،
اڻڄاتل ماڻھن پٽ کي قتل ڪري ڪار ڦر ڪئي جيڪا ھاڻي ڪراچي جي سچل ٿاڻي تي موجود آھي
نوجوان جو لاش حيدرآباد پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، بعد ۾ اماني شاھ قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي
ھلندڙ سال سيپمٽبر دوران به حالي روڊ جو رھواسي ٽيڪسي ڊرائيور نديم ڪراچي ۾ اھڙي ھڪ واردات دوران قتل ٿي ويو ھو