نوشھروفيروز ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي مسئلن جي حل لاءِ کلي ڪچھري منعقد

ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کليون ڪچهريون منعقد ڪيون پيون وڃن: غلام علي سومرو

نوشھروفيروز ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي مسئلن جي حل لاءِ کلي ڪچھري منعقد

نوشهرو فيروز (ڊر) وڏي وزير سنڌ ريٽائرڊ جسٽس مقبول باقر جي خصوصي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ آڪائونٽس آفيس (ٽريزري) بابت سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ کلي ڪچهري ڊپٽي ڪمشنر آفس نوشھرو فيروز ۾ منعقد ڪئي وئي. کلي ڪچهري ۾ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس غلام علي سومرو، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل ٽريزري ، ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ۽ اسسٽنٽ آڪائونٽنٽ جنرل سنڌ عديل احمد سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون کلي ڪچهري ۾ مختلف کاتن جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن پاران ايل پي آر، گريجوئيٽي، ڪميوٽيشن، فيملي پينشن، جي پي فنڊ جي رقم گذريل ڪافي عرصي کان نه ملڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون ان موقعي تي کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس غلام علي سومرو چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ وڃي ملازمن ۽ پينشنرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ کليون ڪچهريون منعقد ڪيون پيون وڃن جنهن جو مقصد انهن ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ آھي، ايڊيشنل سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سرڪاري رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت ٻي رقم جي فراهمي لاءِ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي جنهن تحت رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ سندن پينشن جو ڪيس خزاني آفيس ۾ جمع ٿيڻ شرط ئي سندن ڪيس جو نمبر جاري ڪيو ويندو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي رٽائرمينٽ جي تاريخ کان وٺي نمبر وار لسٽ ويب سائيٽ تي پڻ جاري ڪئي ويندي ان ئي جاري ڪيل نمبر تحت کين گريجوئيٽي ۽ ڪميوٽيشن جا پيسا بغير سفارش ۽ رشوت جي جي ملي سگهندا . هن وڌيڪ چيو ته هر مهيني جاري ٿيل بجيٽ تحت 60 ملازمن کي سندن گريجوئيٽي جي رقم ملي رهي آهي جنهن کي وڌائڻ لاءِ اعلى عملدارن کي سفارش ڪئي ويندي ايڊيشنل سيڪريٽري غلام علي سومرو ملازمن کي يقين ڏياريو ته جن ملازمن ۽ پينشنرن پاران مسئلا پيش ڪيا ويا آهن انهن جي حل لاءِ ٽريزري آفيس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته ان حوالي سان هفتيوار رپورٽ پڻ ورتي ويندي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز چيو ته وڏي وزير سنڌ جي هدايتن تي ناڻي کاتي پاران سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي مسئلن جي حل لاءِ آڪائونٽنٽ جنرل سنڌ، ٽريزري ۽ ضلع انتظاميه جي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي پاران کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي آهي ۽ کلي ڪچهري مان ڪافي پينشنرن ۽ ملازمن کي ريليف فراهم ٿيندو.