English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ روينيو ملازمن خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو
views
|
27th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
متاثر ملازمن پاران ڊي سي آفيس ٺٽو سميت ضلعي جي سمورين آفيسن جي تالا بندي ڪئي وئي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) نگران حڪومت شروع ٿيندي ئي ڊي سي ٺٽو پاران روينيو کاتي ضلعي ٺٽي جي ملازمن خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون، ملازم سراپا احتجاج بڻيل، متاثر ملازمن پاران ڊي سي آفيس ٺٽو سميت ضلعي جي سمورين افيسن جي تالا بندي ڪري قلم ڇڏ ھڙتال ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون بڌي ڊي سي آفيس مڪلي جي احاطي ۾ بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪري جائز مطالبا حل ڪرڻ جي گھر ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئشن ۽ سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا توڙي ڊي سي ٺٽو پاران ملازمن خلاف شروع ڪيل انتقامي ڪاروائين واري عمل خلاف روينيو کاتي جي سمورن ملازمن پاران سمورين آفيسن جي تالا بندي ڪري ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڊي سي آفيس مڪلي جي احاطي ۾ بک ھڙتالي ڪئمپ ملازم اڳواڻن فھد ٻٻر، رياض شاھ، سڪندر منگسي، غلام نبي ملاح، رياض آرائين، اسماعيل جتوئي، سلطان جمالي، حسن ناريجو، آصف بلوچ، وسيم جان جوکيو، علي شير سومرو جي اڳواڻي ۾ قائم ڪندي چيو آھي تہ نگران حڪومت شروع ٿيندي ئي نگران حڪومت پاران مقرر ٿيل ڊي سي ٺٽو روينيو کاتي جي ملازمن خلاف انتقامي ڪاروايون شروع ڪري سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي، حق جو آواز بلند ڪرڻ تي ٻن تپيدارن غلام نبي ملاح ۽ علي اڪبر گوپانگ کي بدلي ڪرڻ سميت ٻين بہ ڪيترن ئي تپيدارن جون جبري بدليون ڪري کين پريشان ڪيو پيو وڃي تہ ٻئي طرف ضلعي ٺٽي جي روينيو کاتي جي ننڍن ملازمن لوئر اسٽاف کي ڪي بہ سھولتون ميسر ناھن، مٿان وري ٺٽي ضلعي ٺٽي جي روينيو کاتي جي ملازمن جا اڃان تائين پروموشن ٿي ناھن سگھيا، ملازم اڳواڻن فھد ٻٻر، سڪندر منگسي ۽ ٻين وڌيڪ چيو تہ روينيو ڪالوني مڪلي ۾ ملازمن بجاء ٻين ماڻھن جو قبضو برقرار آھي، روينيو کاتي جي ملازمن جي رھائشي ڪالوني لاء مڪلي تي مختص ٿيل پلاٽ تي بہ قبضا ڪيا ويا آھن، ڊي سي آفيس مڪلي ۾ قائم ڪيل برانچن ۾ مقرر ٿيل ملازمن کي پيئڻ جي صاف پاڻي، اسٽيشنري سميت ڪابہ سھوليت ميسر ناھي، تپيدارن جون جبري بدليون ٿيڻ توڙي ڪوٽارن جي کوٽ ڪري بہ کين ڪم ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، پي سندن تڪليفن ڏانھن ڪير بہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، ھنن نگران سنڌ حڪومت جي وڏي وزير سميت روينيو کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو تہ فورن سندن جائز مسئلا حل ڪري کين ڊي سي ٺٽو جي انتقامي ڪاروائين مان نجات ڏياري ننڍن ملازمن لوئر اسٽاف جا پروموشن ڪري روينيو ڪالوني مڪلي تي ٻين ماڻھن جا ٿيل قبضا خالي ڪرائي اھي جايون روينيو کاتي جي ملازمن جي نالي تي الاٽ ڪري ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو ڀرسان روينيو کاتي جي ملازمن لاء مختص ٿيل پلاٽ تان قبضوہخالي ڪرائي ڪلرڪن، اسسٽنٽ ۽ تپيدارن جون جبري بدليون واپس ڪرائي ڊي سي آفيس ٺٽو جي ھر برانچ جي ملازمن کي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ اسٽيشنري مھيا ڪري ملازمن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلن جي حل ٿيڻ تائين سندن احتجاج جاري رھندو. احتجاجي ڪئمپ تي پ ٽ الف ۽ آپڪا جا اڳواڻ محمد شريف تنيو، راجو قريشي ۽ ٻين پھچي متاثر ملازمن سان يڪجھتي جو اظھار ڪري ساڻن ساٿ ڏيڻ جو کين يقين ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
اپوزیشن جماعتوں کا حکومت مخالف اتحاد کو مزید وسعت دینے کا فیصلہ
21st Feb 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
22فيبروري, اسڪائوٽن جو عالمي ڏينهن
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
حکومتِ سندھ اور آکسفورڈ پاکستان پروگرام کی جانب سے سندھ کے طلباء کے لئے آکسفورڈ یونیورسٹی میں گریجویٹ اسکالرشپس کا اعلان
21st Feb 2025
•
تازہ ترین
چیف جسٹس سے تحریک انصاف کے وفد کی ایک گھنٹے طویل ملاقات
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان اسٽيل ملز مان وڌيڪ 22سئو ملازمن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ليٽر تيار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: غلام الله ويجهو پير جو ڳوٺ ۾ 52 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمور: جسقم پاران سنڌ پنجاب دنگ ڊيرا موڙ وٽ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو، ڪئنال منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو قرار
23rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي: جسقم جي پيادل مارچ ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن، عورتن توڙي معصوم ٻارڙن جي به شرڪت، سنڌ دشمن منصوبا رد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
روينيو ملازمن
0 تبصرے