ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو جوابدار رحيم شاھ آزاد

رحيم شاھ 6 سال قيد جي سزا ڪاٽي چڪو: جيل اختياريون

ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو جوابدار رحيم شاھ آزاد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو جوابدار رحيم شاهه آزاد ٿي ويو، جيل اختيارين جو چوڻ آھي تھ رحيم شاهه کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جيڪا مڪمل ٿي وئي، رحيم شاهه کي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي، رحيم شاهه تي قتل ۽ دهشتگردي جو ڏوهه عدالت ۾ ثابت نه ٿيو هو، رحيم شاهه کي قلم 324 تحت سزا ٻڌائي وئي هئي، عدالت طرفان رليز آرڊر جاري ڪرڻ بعد رحيم شاهه کي آزاد ڪيو ويو آهي