English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
85 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپو (احسان ابڙو)ھاري جدوجھد ڪميٽي شڪارپور پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ تازي واڌ خلاف علي کوسو، منظور کوسو، غمٺار دل، غلام نبي بروهي، ناز نصرالله مھر ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ سکر–لاڙڪاڻو روڊ، نئي پل بس اسٽاپ تي هڪ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ھارين، مزدورن، شاگردن، سماجي ڪارڪنن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري روزمره جي زندگي ۾ پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن خلاف آواز بلند ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا مظاهرين حڪومت جي پاليسين خلاف نعره بازي ڪندي مطالبو ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي مظاهري دوران علي کوسو، منظور کوسو، غمٺار دل ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو: "پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌايل اگهن عام ماڻهو، ھارين ۽ مزدورن لاءِ ناقابل برداشت آهن. تيل جي اگھ وڌڻ سبب اسان عام ٻن ويلن جي ماني کان محروم ٿي وينداسين ۽ ملڪ جي 99 فيصد آبادي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندي. حڪومت فوري طور تي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ وارو عوام دشمن فيصلو واپس وٺي، قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام جون زندگيون زهر بڻائڻ کان بچائي. ٻي صورت ۾ اسان خاموش نه ويهنداسين ۽ عوامي مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي سڄي صوبي ۾ وڌايو ويندو. مهانگائي عوام جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي ۽ اسان پنهنجي آواز بلند ڪري حق طلب ڪري رهيا آهيون." اڳواڻن زور ڏنو ته پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جو اثر ٽرانسپورٽ، زراعت ۽ روزمره جي ٻين شعبن تي پڻ پئجي رهيو آهي، جيڪو عام عوام لاءِ ناقابل برداشت آهي. ھنن خبردار ڪيو ته مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين
0 تبصرے