English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
249 views
|
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
3 اپريل کان 7 اپريل تائين احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون وينديون: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پئٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪندي قومي عوامي تحريڪ پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ موتمار واڌ ۽ مھنگائي جي طوفان خلاف 3، 4، 5، 6، 7 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرن ، بک هڙتالون جو اعلان ڪيو اياز لطيف پليجو چيو تہ پاڪستان لاءِ تيل جي رسد بند نہ ھجڻ باوجود حڪومت جنگ کي ڪمائي جو ذريعي بنائي پنھنجي عوام تي مهانگائي جا ميزائل ڪيرائي ڇڏيا آھن. پئٽرول جي قيمت 458 ۽ ڊيزل 520 ڪرڻ سراسر عوام دشمني آھي. پنج ڏينھن اڳ وزيراعظم سميت سمورا وزير پئٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪري چڪا آھن، ان باوجود رات ئي رات ۾ قيمتون آسمان تي پھچائي کاڌي پيتي، دوائن سميت زندگي جي ھر شئي جو اگھ حڪمران طبقي کانسواءِ ھر شھري جي پھچ کان ٻاھر ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي معاشي ڦرلٽ وارو ناجائز فيصلو ڪيو آھي، جنھنکي ڪو بہ ماڻھو قبول نٿو ڪري سگھي. انڪري فوري طور تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ايران تي مڙھيل جنگ کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن لاءِ آبنائي ھرمز بند آھي پر اتان پاڪستان لاءِ تيل جي رسد جاري رھي آھي، ڪروڙين ليٽر تيل کڻي جھاز اچي رھيا آھن. خود وفاقي حڪومت اھڙين خوشخبرين کان عوام کي آگاھ ڪندي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت عوام جي بدترين معاشي حالت کان بي خبر ۽ لاتعلق آھي. تيل مھانگو ٿيڻ ڪري ڪروڙين ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ اچي ويندا. خوراڪ ۽ صحت جي سھولت جي پھچ کان پري ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام خاموش ويھي بي ڪنھن جو انتظار ڪرڻ بدران حڪومت جي معاشي ڦرلٽ خلاف پرامن احتجاج ڪري. ھر شھري پنھنجو ڪردار ادا ڪري. تيل جون قيمتون ھر شھري جي وات مان ماني جو گروھ لاءِ وڌايون ويون آھن. ھن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سان ماڻھو بنيادي ضرورت کان محروم ٿي ويندا. مھانگائي جو بار عوام تي ڪيرائڻ بدران حڪمران کڻن ھا. ارپين ڊالرن جي ڪرپشن ۾ ملوث حڪمرانن کي مھانگائي جو بار کڻڻ گھرجي ھا پر تيل جون قيمتون وڌائي مزدور، ھاري، پورھيت ۽ ٻين ماڻھن تي بم ڪيرايو ويو آھي، جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي گھٽ آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي پئ
0 تبصرے